دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ چيو ته گڏيل طور تي رانديگرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي بابراعظم سريلنڪا کي ايشيا ڪپ کٽڻ تي مبارڪ ڏني. ڪپتان چيو ته اسان شروع ۾ حاوي ٿياسين پر راجا پڪسا جي بيٽنگ فرق وڌو، جڏهن ته اسان جا مڊل آرڊرز سٺي پرفارمنس نه ڏئي سگهيا، فائنل ميچ ۾ اسان جي فيلڊنگ به سٺي نه رهي. ان کان اڳ آل رائونڊر شاداب خان به سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪندي چيو هو ته ڪيچز ون ميچز. واضح رهي ته شاداب خان سريلنڪا جي اننگ ۾ اهم موقعي تي راجا پڪسا جون 2 ڪيچون ڊراپ ڪيون جنهن کانپوءِ راجا پڪسا 45 بالن تي 71 رنز جي اننگ کيڏي.