آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ائين به ٿي چڪو آهي جڏهن بالر هڪ اوور ۾ 77 رنسون ڌئي سڀ کان مهانگو ترين اوور هلايو. اِها ڳالهه سال 1990ع جي آهي جڏهن نيوزيلينڊ جي هڪ فرسٽ ڪلاس ميچ دوران آف بريڪ بالر رابرٽ هورڊ وينس ڪرڪيٽ جي تاريخ جو مهانگو ترين اوور هلايو هو.مشهور ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب، نيوزيلينڊ جي علائقائي ٽورنامينٽ شيل ٽرافي ۾ ويلنگٽن ۽ ڪينٽربري جي ٽيمن وچ ۾ ميچ جي آخري ڏينهن ويلنگٽن جي بالر رابرٽ هورڊ وينس هڪ اوور ۾ 77 رنسون ڏئي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو بدترين رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.ياد رهي ته ٽي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو اوور اسٽورٽ براڊ هلايو هو، کيس ڀارتي بيٽر يوراج سنگهه 2007ع واري عالمي ڪپ ۾ هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا، جڏهن ته 2007 ۾ ئي ٿيل ون ڊي عالمي ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي هرشل گبز، نيڌرلينڊز جي وين بونگي کي هڪ ئي اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا.