لاهور(اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ آهي ته سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته هو نمبر ون بڻجڻ واري ٽيم جو ڪپتان آهي.پي سي بي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪپتان بابر اعظم جي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن قوم کي نمبر ون پوزيشن حاصل ڪري تي واڌايون ڏنيون، ان سان گڏوگڏ ٽيم کي نمبر هڪ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادان ڪندڙ ساٿي رانديگرن جا ٿورا پڻ مڃيا.بابر اعظم چيو ته رانديگرن مختلف ۽ ڏکين حالتن ۾ پرفارم ڪيو جنهن سبب اعتماد بلند ٿيو، نمبر هڪ ٽيم جو اعزاز حاصل ڪرڻ سان ٽيم جو مورال بلند ٿيندو، ڪپتان طور رانديگرن کي اعتماد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، کين چوندو آهيان ته اوهان بهترين آهيو انڪري هتي آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته هر رانديگر هڪٻئي جي ڪارڪردگي مان خوش آهي، جيڪڏهن ڪو هڪ پرفارم ناهي ڪندو ته کيس ڪوور ڪندا آهيون، ڊريسنگ روم کي ناڪاري ڳالهين کان پري رکندا آهيون، ٽيم وڏا هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيا ۽ گهٽ ٽوٽل جو دفاع پڻ ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن بالر حاوي هوندا آهي ڪڏهن بيٽر ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، ٽيم جو ڪمبينيشن سٺو آهي.