نيو يارڪ (اسپورٽس نيوز) ڊبليو ڊبليو اي جي پروفيشنل ريسلر سارا لي نه رڳو ريسلر پر آمريڪي ٽي وي اسٽار پڻ هئي. هن 2015 ۾ ڊبليو ڊبليو اي جو مقابلو ٽف انف کٽيو ۽ اين ايڪس ٽي لاءِ پڻ ڪم ڪيائين. هو پهريون ڀيرو جنوري 2016 ۾ اين ايڪس ٽي جي رنگ ۾ آئي ۽ آڪٽوبر 2022 ۾ سندس موت واقع ٿيو. طبي معائنو ڪندڙ ٽيم هاڻي انڪشاف ڪيو آهي ته سارا لي کي شراب ۽ ڊرگز واپرايل هو ۽ سندس موت جو ڪارڻ آپگهات هو. جاچ ٽيم جي ترجمان موجب سارا لي وڌيڪ نشو واپرائي پنهنجي حياتي جو انت آندو.