برج ٽائون (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ٽيم 5 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ لڳاتار انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنسون ٺاهيون. رومن پاويل 53 بالن تي 10 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 107 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته نڪولس پورن 70 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهي سگهي. ٽوم بينٽن 73 ۽ فل سالٽ 57 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاويل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.