ڳيريلو(اسپورٽس نيوز) ڳيريلو ۾ ثقافتي راند ملهه جا مقابلا ٿي گذريا، پھلوان صدام شيدي ميدان ماري ويو. ان سلسلي ۾ سيد نور شاهه بخاري جي ميلي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو مقابلو ڪرايو ويو جنھن ۾ پھرين جوڙ جي پھلوانن حصو وٺي ھڪ ٻئي کي جانٺا ۽ قينچي داءَ ھڻي دسي داد وصول ڪيو. پھرين جوڙ ۾ پھلوان صدام شيدي ۽ حفيظ سخيراڻي سندرا ٻڌي مقابلو ڪيو جنھن ۾ پھلوان حفيظ سخيراڻي پھرين ملهه ۾ شيدي پھلوان کي دسي وڌو جڏھن ته صدام شيدي پوئين ملهه ۾ سخيراڻي کي دسي ڪنڌي ۾ ھوڪرا ڪرائي ڇڏيا.