مڙس ۽ ڏير قتل ڪرڻ چاهين ٿا: ناري مبارڪپور ٿاڻي تي پهچي وئي

0
468
مڙس ۽ ڏير قتل ڪرڻ

مبارڪپور  (رپورٽر) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ مور شاھه واسڻ مسمات بيگم زال مشتاق ڪٽو تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي، ناري پوليس آڏو دانهيو ته مڙس ۽ ڏير کيس ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، ايس ايڇ او انيس شيخ جو چوڻ هو ته صبح جو ناري ٿاڻي تي پهتي، کيس جيڪب آباد ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.