يوسي کاھي ممن اڄ به سوئي گئس کان محروم آهي!

تعلقي ڀريا جي سدا بھار وزير سيد مراد علي شاهه صاحب کان يوسي کاھي ممن جي عوام مطالبو ٿو ڪري ته سائين اوهان اليڪشن دوران ڪجھ واعدا ڪيا ھئا، تن مان هڪ يوسي کاھي ممن جي عوام کي سوئي گئس ڏيارڻ جو واعدو به ڪيو هو ۽ توهان 2013ع ۾ گئس منظور به ڪرائي ھئي، جنهن جا ليٽر اليڪشن ورڪ دوران ورھايا ھئا پر افسوس سان اھو ڪم اڄ تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي ۽ يوسي جو عوام اڄ به ھن دور ۾ اهم سھولت کان محروم آهي، سائين خدارا يوسي کاھي ممن جي عوام جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته اسان کي جلد کان جلد سوئي گئس لڳرائي ڏيندا ته جيئن يوسي جي عوام مان مايوسي ختم ٿي سگھي، جي يوسي کاھي ممن ۾ سوئي گئس تي ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته يوسي جو عوام مجبور ٿي احتجاج جي سڏ ڏيندو.

اعجاز ممنائي/کاهي ممن

ڇا پاڪستان ۾ هلندڙ سياست جو نقشو تبديل پيو ٿئي؟ ‎‎

  پاڪستاني سياست اڃا به تجربن مان پئي گذري، 1973ع واري اليڪشن کان پوءِ ته پاڪستان جي سياست ۾ ورهاست ڪئي وئي، ان جي چوڻ جو مطلب ڪجھ سال ڦلاڻي جماعت، ڪجھ سال ڦلاڻي جماعت. پاڪستان ۾ سياست جي حڪمراني جو تاج پائيندي اهي تجربا  ڇا ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيا ويندا هئا يا ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ؟ پر افسوس پاڪستان ۾ ڊيموڪريسي ۽ صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت جي نالي ڪا شيءِ نظر نه پئي اچي. گذريل 70 سالن کان وقت جيئن گذري پيو، اولهه جا پٺ تي پيل ملڪ جن جا مثال اڄ به موجود آهن، انهن ملڪن ۾ چين هجي، مليشئيا هجي يا جرمني، جيڪي ملڪ گذريل 50 سال پوئتي هئا اڄ اهي ملڪ امير ترين ملڪ بڻيل آهن، ان جو سبب هڪ حقيقي جمهوريت آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم هجڻ آهي، غريب امير جو فرق ناهي، هڪ حقيقي نظام قائم آهي پر افسوس اسان جي عظيم ليڊرن قائداعظم، علامه اقبال، سرسيد احمد خان سميت گهڻائي نالا جن عظيم ڪوششن ۽ پنهنجي محنتن سان اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو پر اڄ اهو پاڪستان جي حڪومت ته عوام کي ايئن رولي ڇڏيو آهي جو هاڻي سگهاريون قوتون پاڪستان جي پراڻي تجربن واري سياست جو نقشو بدلائڻ لاءِ اولانهن ملڪن ۾ جيڪا سياست هلي پئي اها سياست پاڪستان ۾ آڻڻ چاهين ٿا. اڳ ۾ جڏهن ضياءَ واري دور ۾ مارش لاءِ لڳائي ۽ مشرف واري دور ۾ پر پارليماني سسٽم هلايو ويو پر اهو سسٽم نه هلي سگهيو، هاڻي آخر ۾ جڏهن هلندڙ حڪومت جي خراب پاليسين پبلڪ رينڪنگ خراب هجڻ سب ملڪ ۾ هر شيءِ جو بحران ۽ مخالف ڌر جو گوڙ نئين اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مختلف اٽڪلون استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سياسي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي ان صورتحال تي ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا، ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هاڻي آخري فارمولو صدارتي نظام وارو هوندو، صوبائي ۽ قومي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هلندڙ جنگ ختم ٿي ويندي، پارليماني خرچ گهٽجي ويندا، نظام کي ٺيڪ ڪيو ويندو ۽ هاڻي مائينس ون وارو فارمولو يا بي اعتمادي وارو فارمولو نه آندو ويندو، پاڪستان جي معشيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهو آخري پتو صدارتي نظام وارو  اڇلايو ويندو.

توفيق لنڊ/ڪنب

اسپتالن ۾ غريبن کي سھولتون ڏيو!‎‎

  مھيني کان پي پي ايچ آءِ ميرپورخاص جي طرفان سنڌڙي تعلقي جي ٻھراڙي جي ميديڪل ڊسپينسرين جي عملي کي ڪورونا ويڪسين ڪرڻ لاءِ او پي ڊي بند ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري غريبن ماڻهن کي علاج کان محروم ڪيو ويو  آهي، ويڪسين ٽيم کان اضافي ڊسپينسري ۾ موجود عملو اھو چئي غريبن عورتن ۽ ٻارن کي ايمرجنسي ۾ به دوا نٿا ڏين ته  پي پي ايچ آءِ جي طرفان منع ٿيل آهي، اسپتال کليل ھجي ۽ دوا نه ملي ته غريب ڪيڏانھن وڃن؟ اھڙي فيصلي جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. اعليٰ اختيارين ڪمشنر ميرپورخاص ڊي سي ميرپور خاص چيف ايگزيڪٽيو پي پي ايچ آءِ ميرپورخاص کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته  بي ايچ يو مان ڪورونا ويڪسين ٽيمون موڪلين باقي ڊسپينسري جي  او پي ڊي کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن غريبن کي علاج جي سھوليت ميسر ٿي سگھي.

تنوير ڪمار ميگھواڙ/ کيراھو شاخ

واڪا ڪرڻ مون وس‎‎!

  ايم اين اي محترم جناب مير عابد خان ڀيو صاحب ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ صاحب، ڊپٽي ڪمشنر جناب ڊاڪٽر ڪاشف نبي هھڙو صاحب، سائين عرض ته خانپور شھر گذريل ڪيترن ئي سالن کان لائبرئيري جي سهولت کان محروم آھي، نوجوانن جون زندگيون داءَ ته لڳل آھن، لائبريري نه هجڻ سبب شاگرد يا ته نشي جي ور چڙهي وڃن ٿا يا ته هوٽلن ته وقت گذاري رهيا آھن، عرض ته خانپور شھر کي  لائبريري جي سهولت ڏئي شاگردن مان به چيني ختم ڪري سندس مستقبل جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن نوجوان به علم جي زيور سان ٽمٽار ٿين ۽ اهي نيڪ ۽ دلي تمنا سان توهان کي دعائون ڏين مهرباني.

عابد تبسم خانپور/ شڪارپور

اومي ڪرون جي لھر ۽ احتياط جي ضرورت!‎‎

جيئن ته ھاڻي ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آھي، ايئن وري اومي ڪرون وبا ۾ تيزي اچي وئي آھي، ڪورونا جو مثال وٺون ته پھريائين ڪورونا کي به ماڻھن سنجيدگيءَ نه ورتو نه وري احتياط ڪيو ته دنيا جي ملڪن ۾ ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ايئن پاڪستان ۾ به ڪورونا جي وبا جي ڪري ماڻھو مري ويا. ھن وقت سنڌ صوبي جي وڏي شھر ڪراچي، ٺٽو، ۽ ضلعن ۾ اومي ڪرون وڌي وئي آھي. ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ته تعليمي ادارا جتي ٻارڙن جي داخلا گھڻي اهي بند ڪيا ويا آھن ۽ چيو ويو آھي ته ھڪ ھفتي جي لاءِ تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به شاگردن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي وٿي سان ھڪ ٻئي کان پري ويھارڻ گھرجي. سينيٽائيزر جو استعمال ڪرڻ گھرجي. اسڪولن ۽ ڪاليجن کان سواءِ شھرن جي بازارن ۾ تمام گھڻي رش هوندي آھي، ھوٽلن ۽ دڪانن تي رش ھجڻ ڪري اومي ڪرون وڌي پيو، جنھن سان قيمتي جانين جو نقصان ٿيندو. ھن وقت تائين اڃا ڪورونا جي ويڪسين جو ئي مڪمل مرحلو مڪمل ٿي نه سگھيو آھي نه وري اومي ڪرون کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا ويڪسين ٺَهي آھي، ان لاءِ سڀ کان بھتر احتياط آهي ان سان ئي اومي ڪرون کي مات ڏئي سگھجي ٿي. اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ڪي به سھولتون ناھن، اسپتالن ۾ سھولتون ڏنيون وڃن. سرڪار کي گھرجي ته غريب ۽ بي پھچ ماڻھن لاءِ انھن کي کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪري مھانگائي تي ضابطو آڻي عام واھپي جون شيون سستيون ڪري.

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

امڙ تون تان صدقو ٿيان!‎‎

  رات ڏاڍو دلچسپ واقعو پيش آيو! ٿيو ڪجهه ايئن ته آئون ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل هئس، رات جو 12 وڳي گهر آيس گهر جي اڱڻ تي پير رکيم جتي امان  سمهندي آهي، آئون ورانڊي ۾ رکيل فرج جي جھڙتي وٺي رهيو هئس ته امان جي اک کلي وئي پڇڻ لڳي “جاني پٽ سڀ خير آهي نه؟” مون پيٽ تي هٿ رکندي چيو ته “بک لڳي آهي، ڪجهه کائڻ لاءِ آهي؟؟ ته امان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، بهرحال آئون واپس ڪمري ۾ آيس هونئن به مونکي ايتري بک به نه لڳي هئي، ڪو اڌ ڪلاڪ گذريو هوندو جو منهنجي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ آواز آيو “جاني پٽ؟” هي منهنجي جيجل جو آواز هو، جڏهن مون دروازو کوليو ته جيجل امڙ دٻڪي ۾ ٻه اوفراٽا ۽ چانھ جي ڪٽلي کنيو بيٺي هئي، مون دٻڪي ۽ ڪٽلي وٺندي چيو “جيجل هي سڀ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، آئون ته ايئن ئي چئي رهيو هئس” ته جيجل ماءُ جواب ڏنو ته “منهنجو ٻچڙو بکيو سمهي ها ته مونکي ننڍ اچي ها؟” مون کي کارائي پياري امڙ ڪمري مان هلي وئي. تڏهن کان هن وقت تائين آئون سوچي رهيو آهيان ته اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو اسان جي ماءُ جو شفقت جو هٿ اسان تي آهي، دوستو پنهنجي مائرن جو قدر ڪيو، رب پاڪ هر ڪنهن جي ماءُ کي خوش ۽ آباد رکي ۽ منهنجي امان جي سڀني تڪليفن کي رب پاڪ دور فرمائي ۽ جنهن جا والدين هن فاني دنيا مان هليا ويا آھن انهن کي رب پاڪ جنت الفردوش ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

پرديسي عبدالله شيخ/نيوڇور

سکر جي لوهي پل!

  سکر جي لوهي پل 130 سال اڳ درياهه جي مٿان قائم ڪيل هڪ شاندار پل آهي، انگريزن سنڌ جي ٻن تاريخي شهرن سکر ۽ روهڙي کي پاڻ ۾ گڏائڻ لاءِ هي پل جوڙائي، هن وقت به هيءَ پل پنهنجي سڃاڻپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن پل کي ڪو به پلر يا سپورٽ ناهي، درياھ جي مٿان هن عظيم پل جو ڪم سن 1887ع ۾ شروع ٿيو، ٻه سال لاڳيتو ڪم هلڻ کان پوءِ 25 مارچ 1889ع هي پل ٺھي راس ٿي. ان وقت ان پل جو نالو Lord Landsdwon رکيو ويو، هيءَ پل لڳ ڀڳ 900 فٽ ڊگھي آهي، جنهن جي اڏاوت تي ان وقت جا خرچ ٿيندڙ 40 لک رپيا آهن ۽ هن پل تي 6 مزدور پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي، هن پل جو ڊانچو 33 سئو ٽن وزني آهي، چيو وڃي ٿو ته ڊانچو لندن مان گهرايو ويو هو، جنهن کي Alex Zendar نالي انجنيئر ڊيزائين ڪيو هو. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل تعمير ٿي ته هن پل کي ٽرين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي ۽ هي پل هاڻي صرف گاڏين جي لاءِ استمعال ڪئي وڃي ٿي. ايوب پل جڏهن ٺهي تيار ٿي ته ڪو به ريل گاڏي جو ڊرائيور ان بغير پلر جي پل تي وڃڻ لاءِ تيار نه هو، پوءِ انگريزن جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ قيدين ۾ اهو اعلان ڪيو ته جيڪو به هن بغير پلر واري پل تان ريل گاڏي سکر کان روهڙي پهچائيندو ان جي سزا معاف ڪري کيس باعزت بري ڪيو ويندو، ڪجھه قيدين ان ڳالهه جي حامي ڀري ۽ انهن کي سکيا ڏني وئي پر سڀني قيدين مان پاس ٿيندڙ هڪ ئي قيدي ھو جنھن جو نالو “جمالو” هو، جيڪو ان پل تان ريل گاڏي سکر کان روهڙي طرف ڪاهي وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، نيٺ جمالو ريل گاڏي صحيح سلامت ڪاهي روهڙي اچي پهتو. سندن کي ريل گاڏي ٻئي طرف ڪاهي پهچڻ تي ماڻهن جي منهن مان اهي لفظ نڪتا (او جيڪو سکر واري پل تي، هو جمالو) ان ڏينهن کان پوءِ اسان سنڌي ان جمالي کي شادين ۽ ٻين خوشين ۾ ياد ڪندا آهيون .

ثقلين حيدر/ رتوديرو

درد ھوش محمد ابڙو جي واھر ڪيو!‎‎

  سنڌ جو سريلو شاعر درد ھوش محمد ابڙو هڪ حادثي سبب گھر ۾ بي يارو مددگار پيل آھي، ھو چئن ڪتابن جو خالق آھي، سندس شاعري ڪيترن ئي راڳين ڳائي آھي، پاڻ وزن بحر جي سٺو ڄاڻو آھي، ھو بيروزگار نوجوان آھي جيئن ته اسان وٽ ثقافت کاتو موجود آھي، جيڪو ٻين ڪمن تي ڪروڙين رپيا ختم ڪري پيو پر سنڌ جي شاعرن فنڪارن جي مالي سھائتا ۾ الائي ڇو پٺتي پيل آھي، سنڌ جا فنڪار شاعر ننڌڻڪن جيان موڪلائي وڃن ٿا، منھنجي ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڊي جي کي گذارش آھي ته درد ھوش محمد ابڙو ۽ اھڙن ٻين شاعرن فنڪارن جي وقت سر مالي سھائتا جي لاءِ اڳڀري وک کڻڻ ۾ ڪا به ڪوتاھي نه ڪئي وڃي.

علي مخفي/ خيرپورميرس

وڏن وزيرن بابت انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين جي سروي رپورٽ!

انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين جي سروي رپورٽ موجب ملڪ ۾ موجوده حڪومت جي وڏن وزيرن جي ڪارڪردگي جي بابت ٻڌايو ته وزيراعلى پنجاب عثمان بوزدار جي ڪارڪردگي سڀني کي پوئتي ڇڏيو ويو آهي. پنجاب جو وڏو وزير پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. ملڪ ۾ راءِ ڏيندڙن جي اڪثريت وزيراعلى پنجاب کي سڀني کان بهتر وزيراعلى قرار ڏنو. جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وزيراعلى محمود خان ٻئي نمبر تي، سنڌ جو وزيراعلى سيد مراد علي شاهه ٽئين ۽ بلوچستان جو وزيراعلى عبدالقدوس بزنجو چوٿين نمبر تي رهيو، پنجاب جي وڏي وزير تعليم، صحت جون سهولتن جي فراهمي ترقي جي لحاظ کان به ٻين وڏن وزيرن کي پٺتي ڇڏي ڏنو. ان جي ڪارڪردگي پهرين نمبر تي آهي، ٻين وڏن وزيرن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر اپاءُ وٺڻ گھرجن. عوام کي رليف پهچائن. ڳالهه ڪجي ٿي سنڌ صوبي جي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي پنهنجي جاءِ تي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ آهي، جيڪا هن وقت صحت بابت سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن کان گهٽ ڪونهي. تنهن کان سواءِ تعليم تي به وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ وزيراعلى ترقي جي لحاظ کان اڃا وڌيڪ بهتري آڻڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪندا رهن. ڇاڪاڻ انهن کي وري عوام وٽ وڃڻو آهي، جنهن لاءِ انهن کي صرف ۽ صرف موٽ پنهنجي حڪومت ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ئي ملڻ ممڪن ٿيندي ۽ اهي پنهنجي پارٽي وٽ پڻ سرخرو رهندا.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڪراچيءَ ۾ هلندڙ نسل پرستي ۽ لسانيت جي سياست!

                 ڪئين ڀيرا سنڌين جي احتجاجن ۾ احتجاجين پاران صرف سنڌ اسيمبلي، سي ايم هائوس طرف مارچ تي کين ڏنڊا هڻي ڪُٽيو ۽ گرفتار ويندو رهيو آهي، اها ماضيءَ ۽ حال جي هڪ ڪڙي حقيقت به آهي، ڇو ته اسان جا حڪمران به ڄاڻن ٿا ته سنڌي ننڌڻڪي قوم جو ڪو والي وارث ناهي، ان کان پوءِ سنڌين پاران سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف بحريا ٽائون واري پرامن ڌرڻي تي پڻ ڪراچيءَ جي شاهينگن ۽ سنڌ حڪومت جي ساٿارين حملو ڪري ان پرامن احتجاج کي پرتشدد احتجاج بڻائي ابتو سنڌي نوجوانن کي بيدرديءَ سان ماري ڪٽي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي هن وقت تائين بيگناهه جيل ڀوڳي رهيا آهن، انهن مان سوين اهڙا آهن جيڪي انتهائي غريب هجڻ ڪري ڪو وڪيل به نٿا ڪري سگھن. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون هڪ تعصب پرست جماعت جو ڪافي ڏينهن کان ڌرڻو هلندڙ آهي، جنهن جي هڪ ڪارڪن کي الف بي به نه چيو ويو آهي، پر ان تعصب پرست جماعت جي ڪراچيءَ جي امير جو هڪ پريس بيان ۾ چوڻ هو ته ڪراچيءَ جي وڏين اسپتالن ۾ سنڌين وڏي لوڌ ۽ رش هوندي آهي، هو پنهنجن پنهنجن علائقن جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائين، ڪراچيءَ ڇو ٿا اچن؟! جڏهن ته ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ وڃجي ته اتي صوبي جي اصل مالڪ سنڌين کان سواءِ افغاني، برمي، سرحدي، گلگتي، بنگالين ۽ برمين کان سواءِ وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي رش هوندي آهي، جيڪي اسپتالن جي ڀتين، ڪنڊن ۽ روڊن تي نسوار سميت پان جون ٿڪون اڇلائيندا وتندا آهن. جنهن جو ثبوت ڪراچيءَ جي اسپتالن جون ڀتيون آهن. ان کان سواءِ ڪالهوڪي معاملي ۾ متحده “پاڪستان” جي ڪارڪنن پاران جڏهن سنڌ پوليس جي جوانن تي لٺيون وسايون ويون ته جواب ۾ پوليس به ڪارروائي ڪئي ۽ مٿن ڪجھه شيل ۽ لٺبازي ڪئي جنهن ۾ سندن ڪجھه ڪارڪن زخمي ٿيا ۽ پوءِ ترت ئي کين آزاد ڪيو ويو. هڪ همراهه فوت ٿيو، جيڪو احتجاج ۽ جھيڙي وقت اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل هو، جيڪو دل جي دوري سبب فوت ٿيو، ان کي متحده وارن سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي ڳاٽي هنيو. جڏهن ته متحده ۽ جماعت اسلامي پاران جيڪي ڪٿا لفظ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڳالهايا ويندا آهن انهن جو رڪارڊ هر ميڊيا تي موجود آهي. اسان نٿا سمجھون ته ان صورت ۾ هي ٻئي جماعتون سنڌ ۾ هلي سگھنديون، سنڌ حڪومت کي هوش ڪرڻ گھرجي، نانگ هميشه نانگ ئي رهندو آهي، هو کير پيئاريندڙ کي ڏنگيدو آهي ان جي پڻ تاريخ شاهد آهي، سنڌ حڪومت کي عوام جي وارثي ڪرڻ گھرجي.

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾. (منشي)

امير احمد سولنگي/ٺٽ پراڻي، نوشهروفيروز

جمھوريت ۽ بيوس عوام!

  نه ڄاڻ ڪيترن سالن کان ھي اسان جو ملڪ آمريت جي گھاڻي ۾ پيسبو پيو اچي، ڪيترن سالن کان اقتدار جي بکين، جمھوريت جا خواب عوام جي اکين ۾ ٽاڪي پمبڻيون بند ڪرائي ڇڏيون آھن، جيڪو به اچي ٿو ملڪي سلامتي ۽ عوامي خدمتن جا راڳ آلاپي اچي ٿو ۽ جڏھن  اقتدار جا تخت ماڻي ٿو ته سڀ ڪجھ وساري پنھنجا ئي ور ۽ گھر ڀري ھليو ٿو وڃي، يا کڻي ايئن چئجي ته ان کي آرام سان وڃڻ ڏنو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ھن ملڪ ۾ احتساب نالي ڪا جھرڪي موجود ناھي، تڏھن ھر ڪو کائي پي اوگرائي ڏيو ھليو ٿو وڃي، اھو ئي سبب آهي جو ھتان جي امن ۽ ڀائيچاري جا پکيئڙا ھروز جي بم ڌماڪن کان خوف کائي الائي ڪيڏانھن اُڏري ھليا ويا آهن، ھر گھٽيءَ ۾ ھر بازار ۾ ڪنھن نه ڪنھن  معصوم نياڻي جو يا نينگر جو زيادتي ٿيل يا تشدد ٿيل لاش ڏسڻ ۾ ايندو آھي، فضائن ۾ بارود جي بوءَ ۽ فيڪٽرين جي دونھين امن جي ابابيل کي تڙي ڇڏيو آھي. بک، بدحاليءَ جا راڪاس ھر گھر جي چُلھ تي گوڏا کوڙي ويٺل نظر ٿا اچن ۽ بيروزگاريءَ جو ڀونڊو ھر نوجوان جي مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏيندي نظر ايندو پيو اچي، بيوسي ۽ لاچارگيءَ جي ٻه واٽي تي بيھي پنھنجا ٻچڙا ڍورن جيان کپائيندڙ ان پوڙھي پيءُ يا ماءُ کان ڪڏھن ڪنھن پڇو آھي ته ھڪ ويلو چلھ چاڙھڻ لاءِ پنھنجا جگر پنھنجا آنڊا (اولاد) ڪئين کپائبا آھن؟ ھا ان ويل اھي لاچار ماءُ پيءُ پنھنجي جھريل جھوپڙي جي اندر اُجھيل چُلھن کي ڦري ويٺل معصومن ٻارن جي بي پھچ سوالن جا جواب ڇا ٿا ڏين! اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل وات ڦاڙ نعرن ۽ تقريرن ۾ جھموريت جو راڳ الاپيندڙن کان ڪير پڇي ته صحيح ته جھموريت ڪھڙي بلا جو نالو آھي؟ ملڪ ۾ مھانگائيءَ جا واسينگ عوام کي سرعام ڏنگي رھيا آھن، توھان کي  ڪو فڪر ناھي. اٽو مھانگو، داليون مھانگيون، زرعي ڀاڻ مھانگو، ميڊيڪل جون دوائون مھانگيون، عوام لاءِ سک ۽ رليف ڪٿي آھي؟ توھان جا واعدا ڪٿي آھن جيڪي اقتدار کان پھرين ھئا ؟! توھان کان چيڪ بيلينس ڇو نٿو ٿئي، ھنن زخيره اندوزن جو، ھنن وياج خورن جو، جن معاشري جي کل لاھي ڇڏي آھي، جيڪي اصل قيمتن کان ڏھوڻ تي وڌيڪ مٿي شيون وڪرو ڪري رھيا آھن ضلعي جا ڊي سي، تعلقي اي سي ڪنھن جي ٻڪرين سان آھن؟! جو بخار سٽيل کي هڪ پيناڊول گوري به نٿي ملي؟!

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اسد گھران برٿ ڊي ڪيڪ، مختلف شربت ۽ مڇي وغيره سميت گھڻيون ٺهرائي آيو هو، اسد چيو ته بابا سائين جون تصويرون به مون کي ٺهرائڻيون آهن. اسد فياض جي شاديءَ جي به خوشخبري ڏني، هُن سموري ڳوٺ جا سلام به ڏنا، هُن چيو ته وفادار علي ڇلگري به توهان لاءِ گھڻو پيار ۽ سلام موڪليا آهن. هُن چيو ته وفا توهان جي ڊائري به روز شوق سان پڙهندو آهي ۽ توهان سان ملڻ جي خوپاهش به دل ۾ اٿس، مون مُرڪي اسد کي جواب ڏنو ته  جڏهن شهر ڪاغذ جا ٿي پوندا آهن ته سڀن جون خواهشون به ڪاغذي ٻيڙين جيان ٿي وينديون آهن، موڪلائڻ وقت اسد جي اکين ۾ آلاڻ محسوس ڪيم، ان لاءِ شيشي جي هُن پاسي ڏانهنس اوچتو ڏٺم ته  هو هڪ دم مرڪي پيو ۽ مون ڏي هڪ فلائنگ ڪس جواب ۾ اڏايائين، مون به سندس ان عمل جو جواب فلائنگ ڪس ۾ ڏنو. هانڊي وان سان گڏ اچي ڪيڪ ڪٽيم، شام کان ٿورو اڳ واري آڪاش کي تڪيان ٿو جنهن تي هڪ پکين جي لڪير هئي، آئون فضل الرحمٰن چنڊ (پنهنجي وڪيل) جو ڏنل برٿ ڊي گفٽ ڏسان ٿو، اها هڪ لائيرز ڊائري آهي جنهن جي پهرين صفحي تي انگري ۾ لکيل آهي Dear Asif! Wish you a very happy born Day! آئون فضل جي تحفي تان نظر هٽائي وري پکين جي لڪير ڏانهن نهاريان ٿو ۽ ڊائري جو ٻيون پنو اٿلائي لکڻ شروع ٿو ڪيان.

ڏسو پيار پکين جو جيڪو ولر ڪيو وتن ٿا،

نڪي ڪن عداوت، نڪي بغض رکن ٿا،

ملين روزي رب کان کائن گڏجي خوش ٿي،

وري رات واهيري تي اچين ويهن گڏجي،

مٺيون ٻوليون ٻولي گڏ لاتيون لون ٿا،

عجب جھڙا آکيرا ڏسو ڪيئن ٿا ٺاهن،

سڳي سئي جيئن سبيل ڪيڏا مضبوط آهن،

ٻچا باز بلا کان ڪيئن محفوظ ڪن ٿا،

ڏسو قومي جذبو ڪيڏو آهي ڪانون ۾،

وفا، پيار، محبت،ٻڌي ڪيڏي آ تن ۾،

ڏسو ڪيئن ڪٺي ٿي اچي سڏ تي سڏ ڏين ٿا،

ڏسو ريت پکين جي جيئن آهي راند ٻاراڻي،

رسن پرچڻ هرهر سندن ريت پراڻي،

وڙهن ويهن گڏجي، وري گڏجي گھمن ٿا،

سچو پيار پکين کان تون سکين ڪونه قيدي،

عمر پنهنجي آصف تو آ زندان ۾ وڃائي،

مرڻ کان پوءِ ڇولگري عمل سان هلن ٿا.

رات پنهنجو پائي ورتو آهي ۽ ايئن سال جو پهريون ڏينهن به ڪٿي غرق ٿي وڃي ٿو، هن وقت دلدار ٽيوشن جي تياري ڪري رهيو اهي ۽ مون کي اسد جي گھڻي ياد اچي رهي آهي، پاڻ کي تمام گھڻو ٿڪل محسوس ڪري رهيو آهيان، دل سڪون طلبي رهي آهي پر دلدار کي ٽيوشن لازمي پڙهائڻي آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

  مون کي خبر پئي آهي ته هاءِ ڪورٽ منهنجي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، اپيل رد ٿيڻ جي خبر جيئن ئي جيل پهتي ته جيل جا ڪافي دوست منهنجي کوليءَ تي پهچي ويا، جن ۾ سرڪل ون جو هيڊ منشي ذيشان سواتي، امام الدين قمبراڻي، ڀائون علي حسن لغاري، گلزار مري، شهباز خاصخيلي، واحد بهراڻي ۽ ٻيا ڪافي دوست شامل هئا، اُهي سڀ دوست هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس ڪرڻ لڳا، مون سوچيو ته زندگيءَ جا ڪيڏا عجيب رنگ آهن، جن کي ٻاهر هجڻ گھرجي اهي جيل ۾ آهن ۽ جن کي جيل ۾ هجڻ گھرجي اُهي آزاد آهن،سمجھه ۾ نٿي آيو ته دوستن کي ڪهڙو ان جو جواب ڏيان، آئون اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته جاتي سان تعلق رکندڙ منهنجو پيارو پرين دوست بابو خاصخيلي به پهچي ويو، جنهن اچڻ شرط ئي چيو ته تازو ڄامشورو پوليس جي موبائيل مان چرس پڪڙيو هو، پر مهيني ۾ سڀ ٻاهر ۽ پر جي غريب وٽان چرس نڪري ها، رائو انوار ڪراچي ۾ 400 سئو قتل ڪيا، اُهو آزاد ۽ اسان قتل جي شڪ ۾ 25 سال اندر، عدالت ۾ ٿا ڪڇون ته توهين عدالت، ٻاهر ٿا ڳالهه ڪريون ته بغاوت جي الزام ۾ ٿا پادر کائون، هاڻي وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟ هن نظام ۾ بااثر ماڻهو تي ايف آءِ آر به ڪٽجي نٿي سگھي، جي غلطيءَ سان ڪٽجي وئي ته ڪنهن جي ڦٽي آ جو ان تي شاهدي ڏئي، ڏوهاري هوندي به خراب ٿي ويندو تو ۽ مون جھڙو غريب ڦاٿو ته علائقي جو وڏيرو چوندو ته ها مون اکين سان ڏٺو هو هن کي، اُن کي هڪ قسم کڻڻ تي 20 هزار ملندا آهن، اسين ڪامريڊ بازار ۾ ڪنهن کي لک رپيا باسينداسين ته ڪوڙي ڇا پر سچي ڳالهه به ڪونه ڪندو، سوچيندو لک رپيا وٺي ڇو پنهنجو سر وڃايان، هاڻي ٻڌاءِ ڪنهن تي ڏوهه ڏيون، بابو جون اُهي ڳالهيون ٻڌي مون سڪرائي ڏنو، کيس ڪو جواب ڏيان ته منهنجي دوست امام الدين قمبراڻي مون کي ڪن کان جھلي چيو ته سردار خبر آهي سپريم ڪورٽ اڃا پئي آهي، انشاءُ الله اُتان انصاف کسي وٺنداسين، في الحال سنگت کي پڪوڙا کاراءِ، هن مهل سڀ دوست پڪوڙا کائي کل ڀوڳ ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ آئون لاڳيتو سوچي رهيو آهيان.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد