انٽارڪٽيڪا جو پينگوئن 3 هزار ڪلوميٽرز جو فاصلو طئي ڪري نيوزيلينڊ پهتو

0
499
انٽارڪٽيڪا جو پينگوئن
انٽارڪٽيڪا جو پينگوئن 3 هزار ڪلوميٽرز جو فاصلو طئي ڪري نيوزيلينڊ پهتو

ڪرائيسٽ چرچ: انٽارڪٽيڪا کنڊ تان هڪ پينگوئن حادثاتي طور 3 هزار ڪلوميٽرز جو سفر طئي ڪري نيوزيلينڊ ۾ اچي نڪتو. ايڊيلي نسل جي پينگوئن، جنهن کي مقامي رهاڪو هاني پيار وچان پِنگُو چئي رهيا آهن، ان کي ڪرائيسٽ چرچ جي برڊلنگ واري آباديءَ جي ساحلي علائقي ۾ ڀٽڪندي ڏٺو ويو. پنگو کي سڀ کان پهرين ڏسندڙ علائقي واسي هيري سنگهه ٻڌايو ته ڊگهو سفر ڪرڻ سبب هو ساڻو لڳو پيو هو ۽ پهرين نظر ۾ مون کي لڳو ته ڪو رانديڪو پيل آهي

هيري سنگهه ٻڌايو ته کيس خدشو هو ته علائقي جا ڪتا يا ٻيا جانور پينگوئن کي کائي نه وڃن، تنهن ڪري هن مدد لاءِ پکين جي هڪ ماهر کي گهرائي ورتو. 3 هزار ڪلوميٽرز جو سفر ڪري پهتل پينگوئن جي حالت خراب هئي، کيس اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي

ميڊيا جي رپورٽس موجب تاريخ ۾ اهو ٽيون واقعو آهي جو انٽارڪٽيڪا مان ڪو پينگوئن نيوزيلينڊ اچي نڪتو هجي. ان کان اڳ 1962 ۽ 1993 ۾ به انٽارڪٽيڪا مان پينگوئن سمنڊ رستي نيوزيلينڊ پهتا هئا. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڊيلي نسل جي پينگوئنس جي انٽارڪٽيڪا مان اچڻ جا اهڙا وڌيڪ واقعا پيش آيا ته پوءِ اها پريشان ڪندڙ صورتحال هوندي، ان جو مطلب هوندو ته سمنڊ ۽ ماحوليات ۾ ڪي وڏيون تبديليون آيون آهن، جيڪي پينگوئنس کي نيوزيلينڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ اتساهي رهيون آهن

مقامي ميڊيا موجب انٽارڪٽيڪا جي پنگو کي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ڪتن ۽ ٻين جانورن کان محفوظ ڪنهن ساحلي علائقي ۾ ڇڏڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي