جوابدار عورت کي اگهاڙي ڊانس لاءِ مجبور ڪندڙ ليڊي انسپيڪٽر جي نوڪري ختم

0
433
عورت کي اگهاڙي ڊانس لاءِ مجبور
 جوابدار عورت کي اگهاڙي ڊانس لاءِ مجبور ڪندڙ ليڊي انسپيڪٽر جي نوڪري ختم

ڪوئيٽا: قتل ڪيس جي جاچ دوران هڪ جوابدار عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڊانس ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندڙ پوليس جي ليڊي انسپيڪٽر جي نوڪري ختم ڪندي کيس جبري رٽائر ڪيو ويو آهي

ليڊي انسپيڪٽر شبانه ارشاد واقعي جي جاچ دوران ڪو به مطمئن ڪرڻ جوڳو جواب نه ڏئي سگهي، جنهن بعد سندس خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي وئي. ڊي آءِ جي پوليس ڪوئيٽا محمد اظهر اڪرم جو چوڻ آهي ته ليڊي انسپيڪٽر ڪيس جي جاچ دوران پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ ريمانڊ دوران جوابدار عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڊانس ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو

ڊي آءِ جي وڌيڪ چيو ته انسپيڪٽر شبانه ارشاد کي دفاع ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو پر هوءَ پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ليڊي انسپيڪٽر شبانه ارشاد کي نوڪري مان جبري رٽائر ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو آرڊر به جاري ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ڪيس جي جوابدار جيئن ته عورت هئي، تنهن ڪري ڪيس جي جاچ به عورت آفيسر جي حوالي ڪئي وئي هئي