حڪومت ۽ اتحادين ۾ وڇوٽيون وڌڻ لڳيون، قاف ليگ جو اهم اجلاس

0
223
قاف ليگ جو اهم اجلاس
حڪومت ۽ اتحادين ۾ وڇوٽيون وڌڻ لڳيون، قاف ليگ جو اهم اجلاس

لاهور: وفاقي سرڪار ۽ ان جي اتحادين ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ مسلم ليگ قاف (قائداعظم) جي سينيٽرل ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما، مونس الاهي، سينيٽر ڪامل علي آغا، سالڪ حسين ۽ حسين الاهي شريڪ ٿيا

اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ ان حوالي سان خدشن بابت حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪامل علي آغا موجب پنجاب حڪومت جي رويي بابت پارٽي مان گهڻيون شڪايتون اچي رهيون آهن. اتحادي هئڻ جي ڳالهه الڳ آهي، اسان پنهنجي اسپيڪر سان رڳو بجيٽ اجلاس لاءِ ملاقات ڪيون ٿا

قاف ليگ جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو، سڀاڻي واري اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ خدشن بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي