ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ، شماريات کاتي جي رپورٽ جاري

0
1212
ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ
ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ، شماريات کاتي جي رپورٽ جاري

اسلام آباد: شماريات واري بيورو ملڪ ۾ مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. شماريات واري بيورو موجب گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 1.81 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي مهانگائي جي شرح 17.37 سيڪڙو تي پهچي وئي

شماريات بيورو جي هڪ رپورٽ موجب، گهٽ ۾ گهٽ آمدني وارن لاءِ مهانگائي 18.62 سيڪڙو تائين پهچي وئي.رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 30 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 15 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو

ٽماٽي جي قيمت ۾ 23.29 رپيا في ڪلو ۽ گهي جي قيمت ۾ 12.07 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي. انڊا، آلو، پياز، گجر، کير، ايل پي جي، ننڍو گوشت گذريل هفتي مهانگو ٿي ويو

جڏهن ته بجلي جي قيمتن ۾ 18 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي. رپورٽ موجب کنڊ جي قيمت ۾ سراسري طور 10 رپيا 29 پئسا في ڪلو گهٽتائي ۽ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 3 رپيا 11 پئسا سستو ٿي ويو.