انصاف ڏيارڻ جو دلاسو ڏئي وڪيل هفتي تائين زيادتي جو نشانو بڻايو: عورت جو الزام

0
306
وڪيل هفتي تائين زيادتي جو نشانو بڻايو
انصاف ڏيارڻ جو دلاسو ڏئي وڪيل هفتي تائين زيادتي جو نشانو بڻايو: عورت جو الزام

خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ عورت وڪيل تي الزام هنيو آهي ته هُن انصاف ڏيارڻ جو دلاسو ڏئي پنهنجي دوستن سان گڏجي هڪ هفتي تائين جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو

ڳوٺ سمنگ چنا جي رهواسڻ طلاق يافته عورت مسمات واجده سمنگ خيرپور جي وڪيل منظور شهواڻي مٿان جنسي زيادتي جو الزام هنيو

واجده سمنگ الزام هنيو ته ڪجهه عرصو اڳ مان پنهنجي مڙس کان ٻارن جو خرچ وٺڻ لاءِ خيرپور جي وڪيل منظور شھواڻيءَ معرفت عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويس ته وڪيل منظور شھواڻي مون کي 14 فيبروري 2022ع تي دوکي سان پنجاب وٺي ويو

عورت الزام هنيو ته منظور شهواڻي پنجاب ۾ هڪ جڳهه ۾ پنهنجي ساٿي جوابدارن جي مدد سان هڪ هفتي تائين مون سان زبردستي جنسي زيادتي ڪندو رهيو، بعد ۾ منظور شهواڻي جا ساٿي مون کي سکر جي دارلامان ۾ ڇڏي فرار ويا

واجده سمنگ موجب گهر ڀاتي دارلامان مان مون کي گهر وٺي آيا، خيرپور پهچي اي سيڪشن ٿاڻي تي وڪيل منظور شھواڻي ۽ سندس ساٿي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ويس پر پوليس اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو

عورت مطالبو ڪيو آهي ته عدالتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معاملي جو نوٽيس وٺن، وڪيل منظور شهواڻي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي

ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل وڪيل منظور شهواڻي