معذوري کي طاقت بڻائي عوام جي خدمت جو وچن ڪندڙ معذور اميدوار جو اهم اعلان

0
179

قاضي احمد: سچ چوندا آهن ته معذوري کي مجبوري ۽ محتاجي نه بڻائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اِها رڳو چوڻي نه پر اسان جي معاشري ۾ موجود اهڙا کوڙ سارا ڪردار آهن، جيڪي معذوري کي ڪمزوري نه پر طاقت بڻائي مثال قائم ڪندا آهن

قاضي احمد ۾ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ڳوٺاڻو روايتون ٽوڙي چونڊ دنگل جي ميدان تي لهي پيو، جنهن جي همت ۽ حوصلي جو پيمانو ماپڻ ناممڪن آهي

يوسي قاضي احمد 53 تي چيئرمين جي سيٽ لاءِ آزاد اُميدوار محمد ادريس چانڊيو ويل چيئر تي چونڊ مهم هلائي ٿو، وٽس ڪو ماڻهن جو لشڪر ناهي، هو اڪيلو ئي در در وڃي ووٽرز جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو

ادريس چانڊيو چيو آهي ته معذوري کي مجبوري بڻائڻ بدران عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندس، اڳ به عوامي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهيان

هن چيو ته قاضي احمد جي جنهن يوسي جي چيئرمين شپ لاءِ فارم ڀرايا آهن، اُتي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو آهي، جنهن جي حل لاءِ پنهنجي وس آهر ڪوشش ضرور ڪندس