اين اي 240 تي ڇڪتاڻ: هڪ ڄڻو مارجي ويو: 4 کان وڌيڪ زخمي: گرفتاريون: وڏي وزير جو نوٽيس

0
205
اين اي 240 تي ڇڪتاڻ
اين اي 240 تي ڇڪتاڻ: هڪ ڄڻو مارجي ويو: 4 کان وڌيڪ زخمي: گرفتاريون: وڏي وزير جو نوٽيس

ڪراچي ۾ قومي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران بدانتظامي ۽ جهيڙن جا واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي سبب تڪ خالي ٿيو هو، جنهن تي ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پولنگ دوران سياسي پارٽيز جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ ۽ جهيڙن وارن واقعن جو نوٽيس وٺندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته امن برقرار رکڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، جڏهن ته مراد علي شاهه سياسي پارٽيز جي ڪارڪنن کي به پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي آهي

لانڍي جي زمان ٽائون ۾ متحده ۽ پي ايس ايس پي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، ڇڪتاڻ ايڏي وڌي وئي جو زخمين کي اسپتال منتقل ڪندڙ ايمبولينسز تي به فائرنگ جا واقعا رپورٽ ٿيا

جناح اسپتال جي ترجمان موجب هڪ 60 سالن جي شخص جو لاش پهتو آهي، جڏهن ته چئن کان وڌيڪ زخمين جو علاج جاري آهي

لانڍي ۾ ڇڪتاڻ دوران پوليس ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري  ورتو، متحده ۽ پي ايس پي طرفان هڪٻئي تي حملن جا الزام هنيا پيا وڃن

يوسي 20 ۾  پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن دوران هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو، جڏهن ته ٽي ايل پي، مهاجر قوومي موومينٽ، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ٻين پارٽيز جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي

لانڍي جي زمان ٽائون ۾ پولنگ اسٽيشن مان بيلٽ پيپر چوري ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته  سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا