ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون بدليون،  ان ڏس ۾ معذورن جي ڀلائي واري  کاتي جي سيڪريٽري پرويز سيهڙ کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ ميمبر  (ڳوٺ آباد) ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ايم ڊي جاويد صبغت الله  مهرکي بدلي ڪري  انساني حقن  واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو،  جتان ناصر اقبال ملڪ کي بدلي ڪري گهرو کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري (جيلز) مقرر ڪيو ويو. صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري اختر بگٽي کي بدلي ڪري معذورن جي ڀلائي واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري بقار عباس نقوي جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ 21 ڏينهن جي موڪل منظورڪئي وئي.