ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي اسپتال ۾ فوتي ٻارڙي کي وينٽيليٽر ۾ رکي وارثن کان پئسا اوڳاڙڻ واري ويڊيو  وائرل ٿي وئي، ويڊيو ۾ ٻارڙي جي پيءُ پاران ڊاڪٽرن مٿان الزام لڳايو پيو وڃي ته سندس فوت ٿيل ٻار لاءِ به رت جون بوتلون ۽ پئسا ورتا ويا.  والد جو چوڻ هو ته کين ٻار جي ويجھو ئي اچڻ نه ڏنو ويندو هو، ويڊيو ۾ واضح ڏسي سگھجي ٿو ته ٻارڙي جو پيءُ ۽ شهري ڊاڪٽرن کان پڇا ڪري رهيا آهن،  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾  ڊاڪٽر وارثن ۽ شهرين کي خاموش رهڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، ويڊيو ڪهڙي اسپتال جي آهي؟  اهو معلوم  ٿي ناهي سگھيو.