ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلاواري ٽيسٽ ايم ڊي ڪيٽ 2021ع ۾ انرول  ٿيڻ واري خاطري تي پٽيشنرن جي مطمئن  ٿيڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران پٽيشنرن جي وڪيل چيو ته شاگردن کي پريڪٽيڪلز امتحان  لاءِ جيڪي تاريخون ڏنيون ويون آهن، اهي ايم ڊي ڪيٽ واري ٽيسٽ سان ٽڪراءُ  ۾ آهن، جنهن تي پي ايم سي جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح جو ڪو مسئلو ٿيو ته درخواستگذار يا حڪومت پي ايم سي کي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ري شيڊيول ڪرڻ ( بدلائڻ)  لاءِ چئي سگهي ٿو، ري شيڊيولنگ بعد پي ايم سي ڪا اضافي في به نه وٺندي،  پي ايم سي جي وڪيل اهڙي دليل تي درخواستگذار جي مطمئن ٿيڻ بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.