ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي جي وسندي مهراڻ ٽائون ۾ واقع  ٽرالي بيگز ٺاهيندڙ فيڪٽري  ۾ لڳل باهه واري واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو، حليم عادل شيخ  پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته رهائشي علائقي ۾ فيڪٽري جو قائم ٿيڻ ۽ ڪافي عرصي کان هلڻ ادارن جي غفلت آهي، عام طور تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ماحوليات ۽ مڪاني ادارن وارن کاتن جي اين او سي کانسواءِ  ڪابه بلڊنگ تعمير ٿي نٿي سگهي،  رهائشي علائقي ۾ فيڪٽري  تعمير ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي ؟ خط موجب ليبر کاتي پاران فيڪٽرين ۾ ليبر قانون تحت سيفٽي مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرايو ويندو آهي، هن فيڪٽري ۾ باهه وسائڻ جو ڪوبه جوڳو بندوبست نه هو  ۽ نه ئي وري ڪو ايمرجنسي گيٽ هو، خط موجب ڪي ايم سي کي تازو وفاقي سرڪار  54 فائر برگيڊ گاڏيون ڏنيون  آهن، ڪورنيگ واري  فائر اسٽيشن به فيڪٽري کي ويجهي هئي، انهي هوندي باهه واقعي جي 3 ڪلاڪن کانپوءِ فائر برگيڊ گاڏين جو اچڻ ادارن جي غفلت ظاهر ڪري ٿو، حليم عادل شيخ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ادارن جي آفيسرن کي جاچ  ۾ شامل ڪيو وڃي. هوڏانهن حليم عادل شيخ بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته  پ پ 13 سالن دوران سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان جلد سنڌ حڪومت خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بلاول کي آدمشماري تي اعتراض آهن ته اسيمبلي مان استعيفا ڏئي تحريڪ هلائي.