ڪوهه مري (م ڊ) مري جي هوٽل ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري راجا ياسر دعويٰ ڪئي آهي ته انتظاميا جا اهلڪار  سياحن جي مدد ڪرڻ بدران سيلفيون ٺاهڻ ۾ رڌل هئا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راجا ياسر چيو ته رٿا بندي هجي ها ته خراب موسم ۾ به مري ۾ ماڻهو فوت ٿيڻ کان بچي وڃن ها، هيءَ مجرماڻي غلفت آهي، ان معاملي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن مري کي سياحن جي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو اڌ رستي مان واپس وڃڻ لڳا، جڏهن ته مري جا اڌ هوٽل خالي پيل هئا. واضح رهي ته مري ۾ تمام گهڻي برفباري ۽ سياحن جي رش انساني الميو پيدا ڪيو ۽ گاڏين ۾ ڦاٿل ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا.