لاهور (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي صدر  شهباز شريف مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٽريفڪ ۾ ڦاٿل شهرين جو موت انتظامي نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت آهي، هي حڪومت جي انتظامي صلاحيت جو عالم آهي ته ٽريفڪ انتظام ڪرڻ جي به قابل ناهي. هن سوال ڪيو ته جڏهن شهري ڦاٿل آهن ته انهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي؟ حڪومت هڪ هزار گاڏين جي انتظام جي به صلاحيت نٿي رکي ته ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ جيڪڏهن سياحن جو ايڏو وڏو انگ مري وڃي رهيو هو ته حڪومت کي ڇو خبر نه پئي؟ انتظاميا ڪٿي سُتل هئي؟ اڳواٽ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ سندس چوڻ هو ته حڪومت رش ۾ ڦاٿل شهرين کي نٿي ڪڍي سگهي ته مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام کي ڪيئن ڪڍندي؟ حڪومت هڪ هزار گاڏين جو مسئلو حل نٿي ڪري سگهي ته ملڪ جي وڏن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏيندي؟ شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ۾ ته اخلاقي جرئت به ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ان سنگين مجرماڻي غفلت جي ذميوار وزيرن ۽ ماتحت ادارن کي ئي سزا ڏني وڃي، ان ناحق خون تي ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته سياحت ۾ واڌ جي حڪومتي پروپئگنڊا سنگدلي جي انتها آهي، اولهه جا مثال ڏيندڙ اوڀر جي روايتن جي لڄ به نه رکي سگهيا. ٻئي طرف نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان ۽ فواد چوڌري پنهنجي هلڪي زبان ۽ قلم سان عوام کي بيوقوف ته بڻائي سگهن ٿا پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي هنن ۾ نه همت آهي نه ئي توفيق آهي. الله اهڙن بيحس حڪمرانن کان جلد از جلد نجات عطا ڪري. سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان چيو ته پنهنجي غلطي مڃڻ ته پري جي ڳالهه هي ته ماڻهن کي ئي غلط چئي رهيا آهن. سول انتظاميا پاڻ موسم چيڪ ڪري وٺي ها، غلطي مڃو ۽ شرم ڪريو.