اسلام آباد (م ڊ) مري ۾ فوج جو ڊاگ سينٽر ۽ تربيتي ادارو به موجود آهي پر اهو خالي هوندو آهي ۽ جوان ايل  او سي تي مقرر هوندا آهن. ان باري ۾ سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪئي ته جيڪڏهن فوجي آفيسر يا سياستدان غيرآئيني يا غيرقانوني ڪم ڪن ته انهن تي تنقيد جائز آهي پر آفت سٽيل علائقي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪندڙ فوجي جوانن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مري ۾ هڪ آرمي ڊاگ سينٽر ۽ هڪ تربيتي ادارو ته موجود آهي پر اتي ٽروپس موجود نه آهن اهي ٽروپس ايل او سي تي هوندا آهن.