اسلام آباد (م ڊ) مري ۾ گذريل 24 ڪلاڪن  دوران 17 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کي 10 سالن دوران رڪارڊ برفباري قرار ڏنو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب مري ۾ 3 جنوري کان هيل تائين 32 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ 94 ملي ميٽر برسات به پئي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مري ۾ هن وقت پارو ڪاٽو هڪ آهي ۽ شهر ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي. ڪالهه صبح کان مري ۾ هلڪي برفباري جاري آهي، جيڪا اڄ صبح تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي پر اڄ منجهند تائين برفباري جو سلسلو ختم ٿي سگهي ٿو.