لکنئو(انٽريسٽنگ نيوز) مليح آباد جي 81 ورهين جي شخص حاجي ڪليم خان کي “آم عادمي” به چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن انبن جي هڪ ئي وڻ تي هڪ ئي وقت 300 ڌار ڌار قسمن جا انب پيدا ڪيا آهن جيڪو عالمي رڪارڊ آهي. ان ڪارنامي تي ڀارتي حڪومت کي 2008ع ۾ پدما شري ايوارڊ به ڏنو. حاجي ڪليم الله خان جو چوڻ آهي ته مون 1957ع ۾ ستن قسمن جا انب ڏيندڙ وڻ پوکيو هو ان وقت منهنجي عمر 17 سال هئي. ستين درجي ۾ فيل ٿيڻ بعد مون پنهنجي اباڻي باغ ۾ انبن کي سنڀالڻ شروع ڪيو. ستن قسمن جي انبن وارو اهو وڻ ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. ٽيهن سالن تائين مختلف تجربا ڪندو رهيس 1987ع ۾ پنهنجو اڌورو منصوبو مڪمل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيم. هن ڀيري 100 سال پراڻي تمام وڏي انب جي وڻ جي چونڊ ڪيم، ڌار ڌار قسم جي انبن جون ٽاريون وڍي انهن جا قلم لڳائيندو ويس جيڪي ان وڻ جي ڪنهن نه ڪنهن ٽاري تي لڳائيندو هيس، اڄ اهو وڻ ايترو وڏو ٿي چڪو آهي جو ان جي هيٺان 15 ماڻهو آرام سان پڪنڪ ملهائي سگهن ٿا. ان جون هزارين ٽاريون پري پري تائين پکڙيل آهن. ڪجهه ماڻهن جو اعتراض آهي ته ڪليم الله خان جو اهو ڪارنامو رڳو نمائشي آهي جنهن جو ڪو به مالي فائدو نه آهي پر ٻين جو چوڻ آهي ته هر شي جو فائدو پئسن سان نه ٿو توري سگهجي.