ميڪسيڪو سٽي(دلچسپ نيوز) انوکي چونڊ مهم: اميدوار پاڻکي تابوت ۾ بند ڪرائي ووٽرن وٽ پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميڪيسيڪو ۾ چونڊ مهم دوران ڪانگريس جو اميدوار ميئرگا ڪورونا سبب فوتين کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ انوکا انداز اپنائڻ لڳو، ميئرگا پنهنجي تڪ جي هڪ علائقي ۾ جلسي ڪرڻ لاءِ پاڻکي تابوت ۾ بند ڪرائي ڪارڪنن سان گڏ پهچي ويو، ڪانگريس اميدوار جي ان انوکي ريلي کي ڏسي هزارين ماڻهو چونڊ مهم ۾ شامل ٿي ويا جڏهن ته سندس ان انوکي انداز جي پڻ ساراهه ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ميئرگا جو چوڻ هو ته آئون ان تابوت ذريعي سياستدانن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ماڻهو عالمي وبا سبب مرن پيا ۽ اوهان هڪ ٻئي سان پيا وڙهو ۽ الزام هڻو. هن چيو ته اسان کي عوام جو خيال رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياست عوام لاءِ ڪئي ويندي آهي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ نٿي هجي. واضح رهي ته ميڪسيڪو ۾ ڪورونا سبب 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته 2003 ۾ منشيات خلاف آپريشن دوران فورسز سان چڪرين ۾ پڻ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.