اوريگون(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي رياست اوريگون جي شاهراهه تي روٽ 18 وٽ گهاٽو جهنگ آهي، جتي ڪجهه وڻ اهڙي ريت پوکيا ويا آهن جو سرءُ جي موسم ۾ وڻن جو رنگ بدلجي ويندو آهي ۽ پري کان مسڪرائيندڙ چهري جي شڪل نظر ايندي آهي. اتان گذرندڙ ماڻهن کي لڳندو آهي ته ڄڻ گهاٽي جهنگ ۾ ڪو شخص مسڪرائيندي ڏسي رهيو آهي، اوريگن روٽ جي ڊيگهه 25 ميل آهي، مسڪرائيندڙ چهرو 300 فٽن جو آهي، جيڪو پولڪ ڪائونٽي ويجهو واقع آهي، ماهرن موجب ايندڙ 30 کان 50 سالن تائين اهي وڻ ماڻهن کي ائين کي خوشيون ڏيندا رهندا. انهن وڻن جي ڊزائن 2011ع ۾ هيمپٽن لمبر ڪمپني ٺاهي، ڇهري جي ڊزائن لاءِ ساڳ جي وڻن جو هڪ قسم ڊگلس فر جي چونڊ ڪئي، ديودار جي مدد سان ان جو جسم ٺاهيو، سرءُ جي مند ۾ ان جو رنگ بدلجي ويندو آهي. هاڻ سڄي آمريڪا مان ماڻهو ان کي ڏسڻ ايندا آهن. اهو چهرو ڏيکارڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جي محنت لڳي. ڪيتري ئي عرصي تائين ان کي وڻن سان ٺاهيل دنيا جي سڀ کان وڏي چهري جي حيثيت حاصل هئي.