ميهڙ: ميهڙ جي ٽن شهيدن جي وارث ام رباب  چانڊيو سان روڊ حادثي ڪرائڻ واري خبرن ۽ ام رباب چانڊيو جي الزامن کان پوءِ ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ سوشل مڊيا ۾ پنهنجي جاري ڪيل وضاحتي بيان  چيو آهي ته ميڊيا ۾ ام رباب جي قافلي تي حملي بابت خبر وائرل ٿي رھي آھي جنھن ۾ ڪابه صداقت نه آھي. واقعي ۾ اسلم چنا نالي شخص جي ڪرولا ڪار کي پويان کان ٽڪر لڳڻ سبب صرف گاڏي متاثر ٿي آهي باقي سندن ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.