خيرپور ناٿن شاهه: ام رباب چانڊيو ڪي اين  شاهه ٿاڻي تي ايس ايچ او جي نه هجڻ بابت سوال تي چيو ته سڀ ڪو سمجھي ٿو ته ايس ايچ او ڇو موجود نه هو. هنن تي سياسي دٻاءُ آهي. موجوده ايس ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي پاڻ مڃي چڪو آهي ته اسان تي سنڌ حڪومت طرفان دٻاءُ آهي ته اسين توهان تي ڪيس داخل ڪريون. ام رباب چيو ته هو ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ۽ هراسا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن مان اسان کي جاني مالي جو خطرو آهي مون کي ۽ منهنجي فيملي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار سردار خان چانڊيو ۽ پيپلزپارٽي جو ايم پي اي برهان خان چانڊيو هوندو ، مون کي ۽ منهنجي فئملي کي تحفظ فراهم ڪرايو وڃي.