خيرپورناٿن شاھ :  ام رباب چانڊيو حادثي  کانپوءِ سردار خان چانڊيو ۽ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي برهان خان چانڊيو خلاف خيرپورناٿن شاھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهچي وئي. ان موقعي تي خيرپورناٿن شاھ جو ايس ايڇ او علي اڪبر چنا موجود نه هو، هن اين سي داخل ڪرائي ته اڄ دادو ڪورٽ ۾ پيشي هئي جنهن بعد اسين واپس ميهڙ اچي رهيا هياسين ته خيرپورناٿن شاھ ٿاڻي حد ڳوٺ لڌاڻ سامهون انڊس هاءِ وي تي هنن مون کي هراسا ڪرائڻ لاءِ گاڏي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسين معجراڻي طور بچي وياسين.