دادو /ميهڙ/ خيرپور ناٿن شاهه(نمائندن وٽان) ڪڪڙ ڀرسان سردار چانڊيو جي قافلي ۾ شامل سندس گارڊز جي گاڏي ام رباب چانڊيو جي گاڏي کي ڪراس ڪندي بيٺل ڪار کي زوردار ٽڪر هڻي  ڪڍيو.  دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب جي گهر ڀاتين جي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوء ام رباب چانڊيو ۽ پي پي ايم پي اي سردار احمد چانڊيو وارا واپس ميهڙ وڃي رهيا هئا ته ڪڪڙ ڀرسان لڌاڻ لڳ سردار احمد چانڊيو جي گاڏي ام رباب جي گاڏي کي ڪراس ڪيو ته پٺيان سردار چانڊيو جي گارڊن جي گاڏي بيٺل ڪار کي پويان زوردار ٽڪر هنيو جنهن سبب ڪار مڪمل طور تي تباھ ڪار خالي هئڻ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته سردار احمد چانڊيو جا  3 ، گارڊ هزار خان چانڊيو سندس ڀاءۡ جلال خان چانڊيو ، حاجي خان چانڊيو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال ڪي اين شاھ مان طبي امداد ڏئي واپس روانو ڪيو ويو ، حادثي جو شڪار ڪار ڀان سعيدآباد جي رهواسي اسلم چنه جي ٻڌائي وڃي ٿي ، ان سلسلي ۾ام رباب چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي مون تي حملو ناهي ڪيو ويو پر دادو کان حادثي واري هنڌ تائين 3 کان چار ڀيرا سردار چانڊيو وارن جي گاڏين ڪراس ڪيو ۽ سندن گارڊن هٿيار سڌا ڪرڻ سميت ٻين حرڪتن سبب اسان سدن رڪارڊنگ ڪئي ته ان وقت حادثو ٿيو ، عدالت پاران فيصلو محفوظ ڪرڻ سبب سردار چانڊيو وارن حراسا ڪيو آهي ، ڇو ته ڪجھ به ٿي سگهيو پئي ان ڪري واقعي خلاف اسان ڪي اين شاھ ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ وينداسين ، پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته عدالت ۾ 22 ، اي بي تحت درخواست داخل ڪنداسين. ٻئي پاسي ٽائيم نيوز کي موقف ڏيندي ام رباب چانڊيو چيو ته مون کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رستي ۾ مون خطرو محسوس ڪيو ان ڪري وڊيوز رڪارڊ ڪئي ته اهو واقعو ٿيو. هن چيو ته اسان جو پڇيو ڪيو ويو. ٽن سالن ۾ هنن ڪافي دٻاءُ وڌو پر هن چڪر اسان سان حادثو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻئي پاسي پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته واقعو اتفاقي آهي ڪنهن کي هيسائڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي گارڊن جي گاڏي منهنجي گاڏي جي پٺيان هئي جيڪا ڪراسنگ دوران بيٺل ڪار سان ٽڪرائجي وئي جنهن ۾ اسان جا گارڊ زخمي ٿيا آهن شڪر جو ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ،