ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪورونا 120 حياتيون کسي ورتيون، 4191 نوان ڪيس پهتا،  ملڪ ۾ شرح 6.83، پنجاب ۾ 8، اسلام آباد ۾ 7 ۽ بلوچستان ۾ 5 سيڪڙو رهي، پنجاب جي 13 ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي، ٻئي طرف وفاقي سرڪار  پرڏيهه ويندڙن کي ڪورونا جو ٽيون ڊوز لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بوسٽر ڊوز جا 1270 رپيا ڀرڻا پوندا، اين سي او سي موجب ويڪسين جو بوسٽر ڊوز پهرين سيپٽمبر کان لڳايو ويندو، بوسٽر دوز جا خوهشمند نيشنل بينڪ ۾ 1270 رپيا جمع ڪرائيندا ، ٻئي طرف  اسلام آباد ۾ ويڪسين لڳرائيندڙن جي شرح 65 سيڪڙو  ٿي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 9 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1152 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 49729 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 48685 گھرن ، 39 آئسوليشن سينٽرن ۽ 1005 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، هن چيو ته 892 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 78 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 497،  حيدرآباد ۾ 151، بدين ۾ 50، سانگھڙ ۾ 46، ٿرپارڪر ۾ 41، شهيد بينظير آباد ۾ 34، قمبر ۾ 33، ڄامشوري ۽ مٽياري ۾ 32_32، نوشهري فيروز ۾ 30، خيرپور ۾ 27، سکر ۾ 18، ڪشمور ۽ سجاول ۾ 17_17، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ 15_15، ٽنڊي الهيار ۾ 13، گھوٽڪي ۾ 12، عمرڪوٽ ۾ 11، دادو ۾ 10، جيڪب آباد ۾ 8، لاڙڪاڻي ۾ 4، ٺٽي ۾ 3 ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.   ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ مرزاپور واسي 60 سالن جو مريض لعل بخش جيھو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عمرڪوٽ جو واپاري سيٺ پرسو مل لوھاڻو حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ ڪورونا وگھي ديهانت ڪري ويو، هوڏانهن ميرواھ گورچاڻي جي واپاري سيٺ عبدالجبار جٽ جو نوجوان ڀائٽيو فيصل جٽ ڪورونا وائرس وگهي حيدرآباد جي نجي  اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،