اميتاڀ بچن سني ليون ڪمپليڪس ۾ لکين رپين جو هڪ اپارٽمنٽ خريد ڪيو

0
594

بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن 31 ڪروڙ رپيا هڪ اپارٽمينٽ خريد ڪيو آهي، رپورٽن مطابق اميتاڀ بچن ممبئي جي پوش ايراضي ۾ هڪ duplex اپارٽمنٽ 5184 اسڪوائر فوٽ جي علائقي سان خريد ڪيو آهي جڏهن ته هن اپارٽمنٽ جي قيمت 60 هزار انڊين روپيا في مربع فوٽ آهي. رپورٽن مطابق اپارٽمنٽ احاطه ۾ موجود منصوبي جي 27 ۽ 28 منزل تي واقع آهن. اپارٽمنٽ جي ڪل قيمت 31 ڪروڙ انڊين روپيا آهي ، جڏهن ته اميتاڀ اپارٽمنٽ تي اسٽامپ ڊيوٽي جي صورت ۾ 62 لک انڊين رپيا پڻ جمع ڪيا آهن. هن اپارٽمنٽ سان گڏ انهن کي 6 گاڏين لاءِ پارڪنگ پڻ ڏني وئي آهي جڏهن ته هن پروجيڪٽ ۾ اداڪاره سني ليون ۽ ٻين اداڪارن لاءِ پڻ اپارٽمنٽ آهن. رپورٽن مطابق سني ليون مارچ ۾ 160 ملين رپين ۾ هڪ ئي ڪمپليڪس ۾ هڪ اپارٽمنٽ خريد ڪيو هو. ياد رهي ته اميتاڀ بچن ممبئي ۾ 5 بنگلا آهن جن ۾ ’جلسا‘ به آهي.