سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1252 نوان ڪيس ظاهر، 15 مريض فوت

0
189

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 1252 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جڏهن ته
15 مريض فوت ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب فوتين جو ڪل انگ وڌي 5003 ٿي چڪو آهي. وبا مان 572 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 285975 تائين پهچي چڪو آهي. هن وقت تائين 4061903 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جن مان 315393 مثبت ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن وقت 24،415 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 937 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 74 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.