اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب ۽ ڪي پي چونڊن لاءِ 15 ارب طلب: ناڻي سيڪريٽري پاران لاچاري ظاهر، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ پرامن چونڊ لاءِ پوليس کانسواءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 3 لک 53 هزار اهلڪار  به گهري ورتا، تفصيل موجب ڪالھه اليڪشن  ڪميشن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ عام چونڊن لاءِ اجلاس ٿيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل  پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ چونڊن لاءِ اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ ناڻي ۽ گهرو مامرن جي وفاقي سيڪريٽرين کي طلب ڪيو ويو هو، جيئن چونڊن لاءِ فنڊ ۽ گهربل سڪيورٽي کي يقيني بنائي سگهجي، اجلاس دوران وفاقي ناڻي سيڪريٽري کي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته پوري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ 65 ارب رپيا گهربل هوندا، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ صوبائي سيٽن تي چونڊ لاءِ 20 ارب  فوري گهربل آھن، 20 ارب مان ڪميشن کي رڳو 5 ارب ڏنا ويا آھن، هن مالي سال ۾ وڌيڪ 15 ارب گهربل آھن، ناڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي مجموعي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ايترا گهربل فنڊ فراهم ڪرڻ ناڻي وزارت لاءِ مشڪل عمل آهي، حڪومت وٽ معمول جي خرچن جي لاءِ ئي پئسا نه آهن، پر ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان مشاورت بعد جواب ڏيندا سين، اجلاس کي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ پوليس کانسواءِ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مان پنجاب ۾ 2 لک 97 هزار ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ 56 هزار وڌيڪ نفري گهربل آھي، اليڪشن ڪميشن گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فوج، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطو ڪيو وڃي، گهربل نفري جو بندوبست ڪري ڪميشن کي آگاهه ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن حساس ادارن آءِ بي ، آءِ ايس آءِ ٻنهي صوبن جي سي ٽي ڊي جي ذميوارن جو به اجلاس 10 مارچ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ان کانسواءِ ٻنهي صوبن جي آءِ جيز پوليس ۽ چيف سيڪريٽرين جو به اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي،  اليڪشن ڪميشن سڪيورٽي کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ  بچاء وزارت سان به اجلاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.