ڪراچي(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نواز شريف کي هٽائڻ ۾ جنرل فيض حميد جو اهم ڪردار هو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي آڻڻ ۾ جنرل فيض جو مک ڪردار هو، عمران جي خواهشن کي جنرل فيض عملي جامو پهرايو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مريم نواز فيض حميد جي باري ۾ چيو آهي ته وٽس ڪا نه ڪا خبر هوندي. ٻئي طرف سينئر سياستدان شيخ وقاص اڪرم چيو ته ويجهي مستقبل ۾ سياست مان مداخلت ختم ٿيندي نظر نه ٿي اچي