لاهور (م ڊ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان عدالتن لاءِ بيمار ۽ ريلين لاءِ تيار آهي. لاهور ۾ ن ليگ جي نوجوان قيادت جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان اهڙو گدڙ آهي، جنهن ڪارڪنن ۽ عورتن کي ڍال بڻايو، جيل ڀريو تحريڪ جيان هو لاهور ۾ ريلي جو اعلان ڪري پاڻ گهر ۾ لِڪي ويو. هن پي ٽي آءِ ڪارڪن بلال جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن جي جان جي به قيمت آهي، ڇو ته هو به انسان آهي، هڪ شخص ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي ۽ بزدلن جيان لڪي نوجوانن کي پنهنجي لاءِ بيهڻ جو چئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي به ان ڳالهه جي خبر هجڻ گهرجي ته جيڪو شخص توهان کي روڊن تي آڻي ڏنڊا کائڻ جو چئي رهيو آهي، ان پنهنجي ٻارن کي محفوظ ملڪ لنڊن ۾ رکيو آهي ۽ هو پاڻ پلاسٽر چاڙهي گهر ۾ ويٺو آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان ڪڏهن ڄنگهه جو بهانو ته ڪڏهن اهڙين بيمارين پويان لڪي رهيو آهي، جن بابت ٻڌائي به نٿي سگهان، هي ڪورٽ لاءِ بيمار ۽ ريلين لاءِ تيار آهي. ن ليگ اڳوڻ چيو جيڪڏهن چونڊون ٿي وڃن ۽ هڪ اسيمبلي ۾ ن ليگ، جڏهن ته ٻي ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثريت اچي وڃي ته ڪهڙي گارنٽي آ هي ٻيهر اسيمبلي نه ٽوڙيندو.

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز الزام هنيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي چيف جسٽس طور مدي ۾ واڌ لاءِ نواز شريف سان جيل ۾ رابطو ڪيو ويو پر اڳوڻي وزيراعظم ان کي رد ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي مريم نواز ماضي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا تي نواز شريف خلاف سازش جو حصو بڻجڻ جو الزام هنيو ۽ چيو ته آصف سعيد کوسا قرآن پاڪ تي هٿ رکي ٻڌايو ته ڇا چيف جسٽس طور توهان جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه نه ٿي رهي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف مڃي وٺي ها ۽ ان کي چيف جسٽس طور واڌ ملي وڃي ها ته اڄ عمر عطا بنديال صاحب چيف جسٽس نه هجي ها. هن چيو ته رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، اهو ان ڪري ته توهان مون کان ڪجهه وٺو ۽ مان توهان کي ڪجهه ڏيان. مريم نواز چيو ته ان وقت جي چيف جسٽس جو پيغام کڻي جيل ۾ نواز شريف وٽ ماڻهو ويا هئا پر نواز شريف کين چيو ته مون سان ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪيو ۽ هن واڌ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ نواز شريف کي قبول نه ڪيو ويو، ڇو ته هو اهڙي قسم جا فيصلا نه ڪندو هو. انٽرويو دوران ن ليگ اڳواڻ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي حوالي سان چيو ته هن ڏوهه قبولي ورتو آهي، اميد ته هاڻ ادارو پاڻ ان معاملي جو نوٽيس وٺندو، مون کي اميد آهي ته اداري تي جيڪو داغ هو، هو پاڻ ان جو احتساب ڪندو.