اليڪشن: سنڌ تبديلي جي منتظر

0
119
اليڪشن: سنڌ تبديلي جي منتظر

ڪانگريس ۽ بي جي پي جهڙين اجگر پارٽين آڏو عام آدمي پارٽي جو هڪ غريب سادو انسان ڪيجريوال اليڪشن وڙهي هندستان جي مک رياست دهلي ۾ چيف منسٽر چونڊجي ويو، نه صرف هڪ دفعو پر مسلسل ٻيون دفعو به ڪاميابي ماڻيائين نه صرف دهلي ۾ پر عام آدمي پارٽي هاڻيوڪين اليڪشنن ۾ پنجاب رياست به وڏي اڪثريت سان کٽي آئي آهي ۽ آهستي آهستي ڪرپٽ پارٽين جي تڏا ويڙهه ڪري پئي. ڪيجريوال اقتدار ۾ اچي دهلي جي عوام کي وڏيون سهولتون ڏنيون آهن ۽ سمورا ڪيل واعدا پورا ڪري رهيو آهي. سنڌ به اهڙي تبديلي جي منتظر آهي جو سنڌ کي لڳل ڄرن مان سنڌ کي آجو ڪرائي سگهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)