اڄ نه اهو درياهه آهي، نه ئي اهي ٻيلا

0
93
اڄ نه اهو درياهه آهي، نه ئي اهي ٻيلا

اڄ کان پنجويهه سال اڳ  25 اپريل 1997 جي ڳالهه آهي ته مان پهريون ڀيرو سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان سن ويو هيس. سن وڃي ۽ ماڻهو درياهه تي نه وڃي، سو به اسان جهڙو درياهن جو عاشق، سو اپريل مهيني ۾ مان درياهه جا جوڀن ڏسي حيران ٿي ويس. درياهه مٽيالو يا ڇڙيو پاڻي سان تار وهي رهيو هيو، مونکي پڪ ته نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ هزار ڪيوسڪس پاڻي ته هوندو.  درياهه جي اڀرندي پاسي سڪرنڊ تعلقي جي ڪچي ۾ ساوا ساوا گهاٽا ٻيلا پيا نظر اچن، صاف آسمان هجڻ ڪري اتر اولھه پاسي وشال کيرٿر جبل ۽ منهنجي سامهون وهندڙ شينهن درياهه….پر اڄ نه اهو درياهه رهيو آهي، نه ئي اهي ٻيلا رهيا آهن بس ارڏو اٽل کيرٿل جبل بيٺو آهي جيڪو مهان درياهه جي موت تي پنهنجي خشڪ ٿيل اکين مان ڳوڙها به نه ٿو وهائي سگهي. ڪاش جيڪڏهن کير ٿر جبل هڪ انسان هجي ها ته سنڌ ۽ سنڌو جي تباهي تي اڻ کٽندڙ نوحو پڙهي رهيو هجي ها، پر کير ٿر جبل جي دل ته واقعي به پٿر جي آهي پر ان پٿر جي دل ۾ به درد ته هوندو. پر سنڌ جي ويهن ورهين واري ممي ڍيڍي شهرن ۾ رهندڙ نسل کي ڪهڙي خبر ته درياهه ڇا هوندو آهي ۽ مئل درياهه جو درد ڇا هوندو آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)