اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ ڍڪجي ويل سنڌ جا مسئلا

0
375
اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ ڍڪجي ويل سنڌ جا مسئلا

سنڌ جي سياسي ڪارڪن کي موجودہ صورتحال تي نه رڳو ڳالهائڻ گهرجي پر لکڻ به گهرجي ۽ موجوده صورتحال ۾ سنڌ جا مسئلا ڍڪجي ويا آهن، انهن کي به اُڀارڻ گهرجي! ڇاڪاڻ جو سنڌ رهندي ته اسان به موجود هونداسين. تنهن ڪري اڄ پاڻ موجوده صورتحال جو جائزو به وٺنداسون ته سنڌ جو اونو به رکنداسين.

سياسي منظر ۾ ڇڪتاڻ انتها درجي تي پهتل آهي. ادارا هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نظر اچي رهيا، عمران جي اقتدار جو تختو ڪلٽي ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي سياسي صورتحال جو نمونو مسلسل غير يقينيءَ وارو ته هئو ئي هئو، پر سندس گرفتاريءَ کان پوءِ کيس مليل عدالتي رليف ويتر سياسي ڇڪتاڻ ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. سندس گرفتاريءَ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل، سوشل ميڊيا ويب سائيٽون بند رهيون، جيڪو عمل پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ اڃان تائين جاري آهي. سرڪاري ملڪيتن، سرڪاري گاڏين کي باھ ڏني وئي، بسن کي ساڙيو ويو، ٽول پلازا کي باهيون ڏنيون ويون. اهڙي صورتحال ۽ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ سپريم ڪورٽ عمران خان کي پاڻ وٽ گهرائي “ويلڪم خان صاحب! اوهان کي ڏسي خوشي ٿي، عدالت ۾ سرينڊر ڪندڙ کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي”. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اهڙن لفظن سان عمران جي آجيان ڪئي ۽ سندس گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي هن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو! جنهن تي ماضي جا سخت مخالف، اڄ جا اتحادي اقتدار جي مسند تي گڏيل طور ويٺل سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ سخت رد عمل ۾ نظر اچي رهيا آهن! جيڪي عمران جي گرفتاري تي وڏو خوش نظر آيا پئي، جن هڪ سياسي اڳواڻ کي دهشتگرد، نفسياتي، غدار قرار پئي ڏنو.

عمران کي عدالتي رليف تي وزيراعظم شھباز شريف ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ته، “چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏنو آهي”. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، “سپريم ڪورٽ مدر آف دي لا آهي، مدر ان لا ناهي. جج آسمان کان آيل مخلوق ناهن، اسان جهڙا ماڻهو آهن”. نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ مريم نواز پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته، “چيف جسٽس عهدو ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وڃي”. جڏهن ته ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، “پي ٽي آءِ اهو فيصلو ڪري ته اها سياسي پارٽي بڻجي هلڻ چاهي ٿي يا دهشتگرد تنظيم”. سنڌ اسيمبلي ۾ عمران جي گرفتاري کان پوءِ احتجاج جي آڙ ۾ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ پُرتشدد واقعن جو مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو آهي! سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته عمران ملڪ جو غدار آهي، هن اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته، “ڪراچي ۾ گاڏين کي باهيون ڏيڻ ۾ حليم عادل شيخ ملوث آهي”. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته، “ٽي وي تي ڏٺم ته هڪ بدمعاش پڪڙجي پيو آهي”. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته، “عمران ذهني مريض آهي”. اهڙي ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ واضح نظر اچي پيو ته ادارا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي پيا آهن!

حڪمران جماعت جي اتحاد طرفان ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف سپريم ڪورٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. سپريم ڪورٽ اڳيان ڌرڻن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙو ڌرڻو پهرين نواز شريف به سپريم ڪورٽ اڳيان هڻي چڪو آهي! اها ڳالھ پڻ ادارن ۾ ڇڪتاڻ کي واضح ڪري ٿي ته جڏهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار 13 مئي تي اجلاس سڏايو ته پوليس عملدارن اهو چئي شرڪت نه ڪئي ته اسان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي ماتحت آهيون، ان جي حڪم کان سواءِ اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهون! هاڻي هڪ طرف پي ڊي ايم طرفان سپريم ڪورٽ اڳيان سرڪاري ڌرڻو آهي، جن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي استعيفا تائين ڌرڻو جاري رهندو! پارليامينٽ چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جو فيصلو ڪندي تحريڪ منظور ڪري ورتي آهي ۽ ريفرنس کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. اهڙي صورتحال مان ظاهر آهي تي معاملا ڪو اهم فيصلائتو موڙ وٺڻ ڏانهن وڃن پيا. عمران خان کي عدالتن مان جيڪو رليف ملندو رهيو آهي، اهو به تاريخي آهي، خاص طور تي سپريم ڪورٽ طرفان ملندڙ رليف. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رستم ڪياني به اولھ پاکستان جي گورنر امير محمد خان کي ماضي جون، موجوده ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ ايف آءِ آر جون ضمانتون منظور ڪيون هيون.

ادارن جي ٽڪراءَ جو هڪ منظر اهو به واضح نظر اچي ٿو ته اليڪشن ڪميشن اقتدار جي مسند تي ويٺل گڏيل سرڪار جي موقف سان گڏ بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ جي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي فيصلي تي عمل ڪندي نظر نٿي اچي! جنهن معاملي کي به هڪ پاسي ٿيڻو آهي. پر ان سموري صورتحال ۾ سنڌ جا جيڪي اهم مسئلا ڍڪجي ويا آهن. آئون انهن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ به ضروري سمجهان ٿو.

(1) سنڌ ۾ غير قانوني طور تي ڊجيٽل آدمشماري جو مسئلو، جنهن سان سنڌ جي وجود کي خطرو آهي.

(2) سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، جنهن ۾ لکين غير قانوني افغاني، برمي، بنگالين موجود آهن، جيڪي سنڌ تي اقتصادي طور وڏو بار آهن، جنهن کي سنڌ سرڪار نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. 9 مئي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جو بيان پڙهڻ لاءِ مليو ته، “ڪراچي افغان شهرين جو ٻيو گهر آهي” يعني ڪراچي ۾ موجود لکين افغانين کي واپس افغانستان موڪلڻ لاءِ هي سرڪار تيار ئي ناهي!

(3) سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، ڄامشوري جي زمين تي وڏي والار جاري آهي.

(4) سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ وفاق جي حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن سان قديمي مقامي مُهاڻن کي تڙيو ويندو!

(5) برسات ۽ ٻوڏ ۾ لکين متاثر ماڻهن کي اڃان تائين سرڪار بحال نه ڪري سگهي آهي، ماڻهو اڄ به کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

(6) سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي مالڪي وارو مسئلو به سنگين آهي.

(7) سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي.

سنڌ کي وڌيڪ تباھ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار بار عام ڪيو ويو آهي، جيڪو سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندڙ آهي. تنهن ڪري سنڌ جي وجود سان لاڳاپيل خاص طور تي سنڌ جا قومپرست، اديب، ليکڪ، صحافي ۽ سنڌ جو درد رکندڙ پارٽين کي سنڌ جو اونو ۽ ڳڻتي ڪري سنڌ کي موضوع بڻائي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

[email protected]