سنڌ جي ٻھراڙين ۾ نياڻين جي تعليم جو فقدان

0
240
سنڌ جي ٻھراڙين ۾ نياڻين جي تعليم جو فقدان

سنڌ ۾ جيڪڏهن تعليم جو جائزو ورتو وڃي ته پاڪستان جي ٻين صوبن، خاص طور تي پنجاب، ڪي پي ڪي توڙي آزاد ڪشمير جي ڀيٽ ۾ اسان جي تعليمي شرح تمام گهٽ آھي. خود سنڌ ۾ به شھرن ۽ اتر وارن علائقن کي ڇڏي باقي، ٻھراڙي وارن علائقن جي تعليم جو معيار بلڪل گهٽ آھي. ٻھراڙي جي علائقن ۾ خاص طور تي نياڻين جي تعليم جو ريشو بالڪل نه هئڻ جي برابر آھي. حديث پاڪ ۾ اچي ٿو، جنهن جو مفهوم آھي؛ “علم حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت تي فرض آھي” اسان انهي فرض کي ڪيترو پورو ڪيو آھي، انهي مان اسان سڀ ڀلي ڀت واقف آھيون. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته، “ماءُ جي هنج ٻار جي پهرين درسگاھ آهي”، ٻار جيڪو ڪجھ هن درسگاھ کان سکي ٿو، اهو ان جي آئنده عملي زندگي تي تمام گهڻو اثر انداز ٿئي ٿو. ٻار جي بهترين تربيت جي لاءِ ماءُ جو پڙهيل هجڻ ضروري آهي. جيستائين نياڻين جي تعليم جو تعلق آھي، ته ان جي باري ۾ اهو ٻڌايو ويندو آھي ته، “مرد پڙھيو ته هڪ فرد پڙھيو، عورت پڙھي ته ڄڻ خاندان پڙھيو”. نيپولين چيو هو ته، “توهان مون کي پڙهيل لکيل مائرون ڏيو ته مان توهان کي هڪ سڌريل قوم ڏيان”.

اها هڪ حقيقت به آھي ته عورت کي الله تعالى هڪ قدرتي ڏات ڏني آھي ته هو اولاد جي بهتر پرورش ڪري سگهي ٿي، ته اها ئي عورت پڙھڻ کان پوءِ ٻين شعبن سان گڏوگڏ هڪ بهترين استاد ۽ ڊاڪٽر به ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو اولاد جي پرورش ۽ سار سنڀال هن جي نس نس ۾ سمايل هوندي آھي.

ٻھراڙين ۾ نياڻين کي نه پڙھائڻ جا سبب:

  • مائٽن ۾ تعليم جي باري ۾ شعور جو نه هجڻ

ٻھراڙي جا اڪثر ماڻهو خود اڻپڙھيل هجڻ ڪري، انهن جي اڳيان نياڻي جي تعليم جو ذڪر ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آھي. ڪي چند ماڻھو آھن، جن جي ڳوٺن ۾ اسڪول يا ديني مدرسو آھي ته اهي پنهنجي نياڻين کي پرائمري جا پنج ڪلاس ۽ ناظره قرآن پاڪ تائين پڙھائين ٿا، ان کان اڳتي نياڻي کي پڙھائڻ جو يا ته سندن ڪو ارادو نه هوندو يا وري ڪو ڇوڪرين جو ويجهو اسڪول نه هوندو آھي.

نياڻين جي لاءِ جدا گرلس هاءِ اسڪولن جو نه هجڻ

ھڪ سبب ھي به آهي ته ڳوٺن ۾ حڪومت گهڻي پيماني تي صرف پرائمري اسڪول جي سھولت ڏني آهي، جتي خاص ڪري نياڻيون صرف پرائمري تائين پنج درجا ته تعليم حاصل ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته هو اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکڻ جي باوجو غربت سبب ھو اڳتي تعليم حاصل نٿيون ڪري سگهن يا ڪي وري سماج ۾ وڌندڙ براين جي خوف سبب پرائمري تعليم کانپوءِ گھرن تائين محدود رھجي وڃن ٿيون ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب سندن اڌورو رھجي وڃي ٿو. جنهن سبب نياڻيون مايوسي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. نتيجي طور انهن نياڻين جون يا ته ننڍي عمر ۾ شادي ٿي وڃي ٿي يا ته وري ڪي نياڻيون غربت سبب پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ پورھيو ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون. ايئن اهي سماج ۾ عورت کي برابري جي حق کان محروم ٿي وڃن ٿيون.

سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ مذهبي مسئلا

نياڻين جي تعليم جو ٻهراڙين ۾ سڀ کان وڏو سماجي مسئلو اهو آهي، ته ٻهراڙي جو ماڻهو اهو سوچي ٿو ته، جيڪڏهن اسان جون نياڻيون اسان پڙهائينداسين ته ماڻهو کلندا ۽ چوندا ته فلاڻو ماڻهو پنهنجون ڇوڪريون پڙهائي رهيو آهي. ان کان پوءِ خرچ جو به مسئلو آهي، هڪ نياڻي کي اسڪول، جيڪي خاص طور تي شهرن ۾ آهن، انهي کي روز جي بنياد تي شهر پهچائڻ تمام وڏو مسئلو آهي. انهي جي بنسبت هڪ ڇوڪرو آساني سان شهر تائين پهچي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه ثقافتي ۽ مذهبي مسئلا هجڻ جي ڪري به ڪافي ڇوڪريون تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي وڃن ٿيون.

نياڻين جي تعليم لاءِ ڪجھ تجويزون:

سڀ کان پهرين ٻهراڙي جي ماڻهن ۾نياڻين جي تعليم لاءِ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي وڃي ۽ کين نياڻين جي تعليم جي اهميت جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. نياڻين جي تعليم لاءِ الڳ پرائمري، ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٻهراڙين ۾ کولي، اتي مقامي ڇوڪرين کي  پاليسي ۾ نرمي ڪري کين نوڪريون ڏنيون وڃن ته اهي هڪ ته مقامي هجڻ جي ڪري ڪيڏانهن بدلي به نه ڪرائينديون ۽ ٻيو والدين جي لاءِ اتساھ جو سبب پڻ بڻجنديون. ڇوڪرين کي سرڪاري نوڪري جي گارنٽي ڏني وڃي ته  جيئن ئي ڇوڪريون تعليم مڪمل ڪنديون ته کين ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪا سرڪاري نوڪري ڏني ويندي. ان کان علاوه ٻهراڙيءَ ۾ پڙهائيندڙ استادياڻين کي هارڊ ايريا يا ٻهراڙي الائونس ڏنو وڃي، ايئن ڪرڻ سان ڪافي نياڻيون شهرن کي ڇڏي ٻهراڙي ۾ نوڪري ڪرڻ تي راضي ٿي سگهن ٿيون.

[email protected]