اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ

0
283
اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ
اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ

پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي پڌرائي تي رد عمل ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسان وٽ ڪنهن به آزاداڻه جاچ/انڪوائري ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا ثبوت ۽ شاهديون آهن، انهن ثبوتن مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته ڀڃ ڊاهه ۽ باهه جي واقعن توڙي مختلف ڪيسز ۾ فائرنگ وغيره ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن

گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو پڌرنامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 9 مئي تي فوجي ٿڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي

تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اسپيشل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل پڌرنامي کي وڏي اهميت رکي ٿي

پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ڪجهه سرڪاري عمارتون، فوجي ملڪيتون ۽ سوين معصوم ۽ پرامن شهري ان افراتفري جي زد ۾ آيا ها، ان ڳالهه جو ناقابل ترديد ثبوت موجود آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پرامن احتجاج ڪندڙن جي صف ۾ هٿياربند انتشار پسندن کي شامل ڪيو ويو، فائرنگ جي نتيجي ۾ درجنين بيگناهه شهري شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا

هي به پڙهندا

پنجاب: فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري