پنجاب: فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري

0
179
فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري
فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري

پنجاب جي نگران حڪومت عسڪري ادارن تي حملن ۾ ملوث وڳوڙين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائيءَ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

 نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪاررواين جو جائز ورتو ويو

فوٹو: فائل

 اجلاس ۾شرپسندن خلاف ڪيسز لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري به ڏني وئي، نگران وڏي وزير 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جلد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي دهشتگرديءَ جي واقعن جي اصل ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ سمورن سيڪيورٽي  ادارن  کي گڏيل سهڪار  تي زور ڀريو

 نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته جوابدارن، سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊز  تائين پهچڻ لاءِ موثر مڪينزم جوڙيو وڃي

 اجلاس دوران  بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 32 ڪيسز جي جيو فينسنگ ڪري جوابدارن کي ٽريس ڪيو پيو وڃي، تصويرن توڙي وڊيوز ۾ چهرن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جي ڊيٽا بيس کان مدد وٺي رهيا آهيون

هي به پڙهندا

چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جو فيصلو، قومي اسيمبلي ۾ رٿ منظور