فواد چوڌري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

0
164
فواد چوڌري ڪرپشن ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان گرفتار
فواد چوڌري ڪرپشن ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان گرفتار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

فواد چوڌري کي بڪتربند گاڏيءَ ذريعي عدالت آندو ويو، جسٽس گل حسن چيو ته چيف جسٽس هڪ آرڊر جاري ڪيو هو جنهن تي عمل نه ٿيو، آرڊر نه آءِ جي اسلام آباد ۽ نه وري ڪنهن ٻئي ڏٺو

ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته فواد چوڌري کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو ويو، عدالت ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان روڪيو هو، عمران خان جي ڪيس ۾ عدالت ڪيسن ۾ گرفتاريءَ کان روڪڻ سان گڏ ايم پي او جو به الڳ سان ذڪر ڪيو هو، عدالت ايم پي او جو ذڪر نه ڪري ها ته گرفتاري ممڪن هئي

ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته فواد چوڌري کي پنهنجي ڪنڊڪٽ سان ثابت ڪرڻو پوندو ته هو پرامن شهري آهي، 9 مئي جي واقعن ۾ قوم جو اربين روپين جو نقصان ٿيو

 عدالت سوال ڪيو ته پوليس کي فواد چوڌري جي گرفتاري کان روڪڻ بابت ڪو دستاويز ڏيکاريو ويو؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته آرڊر ڏيکاريو ويو ته پوليس آفيسر چيو ته مون کي انگريزي نه ٿي اچي، عدالت فواد چوڌري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪر ورتو

ٻئي پاسي فواد چوڌري چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملي  جي اڳ به مذمت ڪئي هئي، مان جيل ۾ هيس، خبر ناهي ٻاهر ڇا ٿيو

فواد چوڌري چيو ته جيل ۾ جيڪڏهن ڪا اهم ملاقات ٿئي ها ته اهڙا حال نه هجن ها؟ گرفتاري دوران گذريل ڏينهن فيملي سان رابطو ٿيو، ڪيس مذاق آهي، هتان نڪرنداسين ته ڪنهن ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪندا، 8 هزار ماڻهو هن وقت جيلن ۾ آهن

هي به پڙهندا

پنجاب: فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري