اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
267

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪيل اڳواڻ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 ٿري ايم پي او تحت گرفتاريءَ وارو ماجسٽريٽ جو آرڊر ڪالعدم قرار ڏنو ويو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شيرين مزاري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 شيرين مزاري پاران زينب جنجوعا ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته شيرين مزاري تي الزام آهي ته هن 9 مئي تي ڪارڪنن کي وڳوڙن لاءِ ڀڙڪايو، 9 مئي تي شيرين مزاري پنهنجي گهر ۾ هئي ۽ کيس اتان ئي گرفتار ڪيو ويو

 ان دوران شيرين مزاري ڪو به بيان نه ڏنو، شيرين مزاري جي گهر ۾ موجودگي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ريڪارڊ مان ثابت ڪري سگهجي ٿي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

هي به پڙهندا

پنجاب: فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري