ماني ٻاني کي ڇا ڪريون: ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ سگريٽن تي خرچ

0
256

ماني ٻاني کي ڇا ڪريون: ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ سگريٽن تي خرچ

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) وچ اوڀر جي ملڪ اردن ۾ ماڻهو کاڌي پيتي کان وڌيڪ سگريٽ تي خرچ ڪن ٿا، اردن سگريٽ ڇڪيندڙن جي انگ ۽ خرچن جي حوالي سان دنيا ۾ پهرئين نمبر تي آهي

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جو چوڻ آهي ته اردني شهري سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سگريٽ ڇڪين ٿا. ڊبليو ايچ او جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اردن جا شهري کاڌي پيتي کان وڌيڪ سگريٽن تي خرچ ڪري رهيا آهن. هڪ اردني خاندان سگريٽن تي ماهوار 150 ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيو آهي

جڏهن ته ميون تي اهو خرچ 36 ڊالر ۽ گوشت تي 70 ڊالر آهي. ڊبليو ايچ او عمان برانچ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته اردن ۾ 18 کان 69 سالن جي عمر تائين ماڻهن ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي شرح 66.1 سيڪڙو آهي. اردني سگريٽ، سگار، حقي سميت مختلف شيون استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 15.9 سيڪڙو اي سگريٽ استعمال ڪن ٿا

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اردن جي بالغ ماڻهن ۾ نڪوٽين جي مجموعي شرح 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. اردن جي صحت واري وزارت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سگريٽن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن جي مدد لاءِ 26 کان وڌيڪ ڪلينڪس قائم ڪيون آهن. انهن ڪلينڪس ۾ تربيت يافته صحت عملو مقرر ڪيو آهي، رپورٽ موجب 2022 دوران 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهن انهن ڪلينڪس سان رابطو ڪيو