نئين دهلي(م ڊ) ڀارت افغان طالبان بابت پاليسي تبديل ڪندي طالبان جي مختلف گروپن ۽ اڳواڻ سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن کي ڀارت جي تمام وڏي پاليسي تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي. مليل رپورٽن موجب ڀارت طالبان جي ڳالهين جي ٽيم جي سربراهه ملا عبدالغني برادر سان به رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. اهي رابطا في الحال ڀارتي سيڪيورٽي ادارن جي عملدارن ۽ قوم پرست طالبان تائين محدود آهن يا اهي جيڪي ايران ۽ پاڪستان جي اثر هيٺ نه آهن. ذريعن موجب ڀارت جا اهي رابطا ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهن في الحال انهن جي نوعيت طالبان جو ذهن پڙهڻ تائين محدود آهي. ذريعن موجب ڀارتي پرڏيهي وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي شعبي جي سربراهه جي پي سنگهه جو ڪابل جو دورو به افغان اڳواڻن سان رابطن جي ڪڙي هو. ذريعن موجب ڀارتي عملدار ملا برادر سان ملاقات به ڪري چڪا آهن.