ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ بارودي سرنگهون صاف ڪندڙ اداري جي آفيس تي فائرنگ ڪري 10 ڄڻن کي قتل ۽ 16 کي زخمي ڪيو ويو آهي. اهو واقعو بغلان صوبي ۾ پيش آيو جتي هالو ٽرسٽ نالي فلاحي تنظيم جي مدد سان بارودي سرنگهون صاف ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي وئي. حملي وقت اتي 110 ڄڻا موجود هئا. ان حملي جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي. نه ئي حملي جي سببن جي خبر پئجي سگهي آهي.