دمشق: (م ڊ) اسرائيلي جنگي جهازن شام ۾ حڪومت جي اتحادي ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا. شام دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن لبنان مان اڏام ڀري ۽ دمشق جي هڪ علائقي مٿان بمباري ڪئي. شامي دفاعي نظام جي وقت تي رد عمل سبب اسرائيلي جهاز پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيا. شام طرفان اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ جاني نقصان بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو پر شام ۾ انساني حقن جي نگراني ڪندڙ اداري دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ حڪومتي حامي 8 ويڙهاڪ مارجي ويا. شامي آبزرويٽري فار هيومن رائٽس جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويلن ۾ شامي فوج جا 3 اهلڪار ۽ حڪومتي حامي ويڙهاڪ تنظيم جا 5 ويڙهاڪ شامل آهن. اسرائيل طرفان ان حملي جي باري ۾ ڪوبه تبصرو سامهون ناهي آيو. ٻئي طرف وري اسرائيلي فورسز فلسطينين جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.