اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيتن جي نيلامي خلاف ٽئي ردخواستون رد ڪري ڇڏيون، ملڪيتن جي نيلامي خلاف اشرف ملڪ، اسلم عزيز ۽ اقبال برڪت درخواستون ڏنيون هيون، احتساب عدالت جي جج اصغر علي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌايو ويو، عدالت نواز شريف جي ملڪيت نيلامي خلاف درخواستون رد ڪيون.