واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي سينيٽ صنعتي پاليسي جي حوالي سان اهم بل منظور ڪري ورتو آهي، جنهن جو مقصد چين جي وڌندڙ اقتصادي خطري جو مقابلو ڪرڻ آهي، سياسي اختلافن باوجود سينيٽ ۾ ٻنهي پارٽين صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ چين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 170 ارب ڊالرن جو فنڊ منظور ڪيو. بل جي حق ۾ 68 ۽ مخالفت ۾ 32 ووٽ پيا، هاڻ اهو بل هائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي اڳ ئي اهڙو بل پيل آهي ۽ ٻنهي بلن کي گڏائي صدر ڏانهن اماڻيو ويندو. صدر جو بائيڊن ان بل جي منظوري تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. بل ۾ انهن ڪيترن ئي فني شعبن جو ذڪر آهي جن ۾ آمريڪا چين کان پوئتي رهجي ويو آهي. ٻئي طرف آمريڪا جو صدر جو بائيڊن پنهنجي پهرئين پرڏيهي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.